ٺارو شاهه ۾ ڦر واقعي خلاف باگڙي برادري جو احتجاج

ٺاروشاھ  ( ن ع آ )  ٺاروشاھ لنڪ دربيلو روڊ تي شاھد باگڙي کان نامعلوم ھٿيار بندن جي ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جنھن تي واپاري مزاحمت ڪرڻ تي ڦورو فرار ٿي ويا، شھر ۾ بدامني خلاف باگڙي برادري جو واپاري شاهد باگڙي، شھزادي پنجل ڀرائي باگڙي ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو ته علائقي ۾ بدامني چوٽ چڙھيل آهي، ڦورو سرعام ڏينهن ڏٺي جو ڦرون ڪري رهيا آهن،  اهڙو اطلاع اسان ٺاروشاھ  ٿاڻي کي به ڪيو آهي پر پوليس اسان جي هڪ به نه پئي ٻڌي ٻئي ڦورو شاھد باگڙي کان ٻه لک رپيا روڪ رقم ،سوني زنجير ڦر ڪري فرار ٿي ويا آھن،  ايس ايچ  او ٺاروشاھ حنيف مھر رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته ڦر جو اطلاع ملڻ تي بروقت ڪارروائي ڪري وڌيڪ جاچ ڪري رھيا آھيون نوجوان جي مزاحمت تي ڦورو بنا ڦر جي فرار ٿي ويا آھن  جڏھن ته  باگڙي برادري جي ماڻهن ايس ايس پي نوشھروفيروز کان مطالبو ڪندي ڪيو آهي ته ڦر ٿيل رقم ۽ ٻيو سامان واپس ڪرايو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رهندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.