ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) جمعيت علماءِ اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي اسان ته چونڊن کي هڪ سال اڳتي وڌائڻ جو سوچي رهيا آهيون.
ڪوئيٽا ۾ صحافين سان غير رسمي گفتگو ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته ملڪ کي ٺيڪ ڪرڻ لاءِ وقت گهرجي، اسان کي اندازو نه هو ته عمران خان ملڪ کي 3 سالن ۾ ڌٻڻ ۾ ڦاسائي ويو آهي، غير سياسي ۽ تخريب ڪار ذهنيت سان ڳالهيون نه ٿيون ٿي سگهن.
هن چيو ته عمران خان نواز شريف ۽ شهباز شريف کي چور چوندو آهي پر فرح گوگي کي چور نٿو مڃي.