جنگ جي ميدان ۾ رقص، يوڪريني عورت اهلڪار جي وڊيو وائرل

 

روس ۽ يوڪرين وچ ۾ تڪرار جاري آهي، ٻنهي جا فوجي جنگ ۾ ميدان آهن ۽ آئي ڏينهن افسوسناڪ خبرون سامهون اينديون رهنديون آهن پر ان جي ابتڙ يوڪريني فوجڻ جي رقص جي وڊيو وائرل ٿي آهي.

سوشل ميڊيا تي هڪ عورت فوجي اهلڪار جي وڊيو وائرل ٿي آهي، جيڪا يوڪرين ۾ مقبول ”پڪاچو“ رقص ڪري رهي آهي.

وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته عورت فوجي اهلڪار پنهنجي مڪمل وردي، ٽوپي، بلٽ پروف جيڪيٽ، بوٽن ۽ نه ڄاڻ ڪيتري سامان سان ليس آهي پر هوءَ ميدان جي جنگ ۾ فوجي پوزيشن وٺڻ بدران رقص ڪرڻ ۾ مصروف آهي.

يوڪريني عورت فوجي اهلڪار جي وڊيو ڏسو

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.