5 سالن ۾ مڪمل اسلامي بئنڪاري نظام لاڳو ڪرڻ ممڪن ناهي: اسٽيٽ بئنڪ

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسٽيٽ بئنڪ سينيٽ جي ناڻي بابت ڪميٽي کي ٻڌايو آهي ته 5 سالن ۾ مڪمل اسلامي بئنڪنگ نظام لاڳو ڪرڻ ممڪن ناهي، ان ۾ ڪيترائي مسئلا آهن.

سينيٽر سليم مانڊوي والا جي صدارت هيٺ اجلاس کي اسلامي بئنڪاري تي بريفنگ ڏيندي اسٽيٽ بئنڪ اختيارين چيو ته چند بئنڪن کي روايتي بئنڪاري کان اسلامي بئنڪاري ۾ تبديلي ۾ 5 سال لڳا، اها هڪ ڪمٽمينٽ آهي ته اسان اسلامي بئنڪاري ڏانهن وڌون، اسلامي بئنڪاري لاءِ شرعي اسڪالرز جي راءِ به وٺڻي پوندي.

ناڻي بابت مملڪتي وزير عائشا غوث پاشا چيو ته اسان جي ڪيترائي سيڙپڪار اسلامي بئنڪاري ڏانهن وڃڻ چاهين ٿا، اسان جي مذهبي عقيدت سبب اسان کي ضرور اسلامي بئنڪاري ڏانهن وڃڻو آهي پر ان ۾ وقت لڳندو.

اڳوڻي وفاقي وزير شوڪت ترين چيو ته ايندڙ وقت ۾ ڊجيٽل بئنڪاري تمام گهڻي وڌي ويندي، اهو به ذهن ۾ رکڻ گهرجي، اسلامي بئنڪن کي مرحلي وار وڌائڻ گهرجي، اسلامي بئنڪاري ۾ وياج جي اجازت ناهي، سعودي عرب وياج کي ڪميشن جو نالو ڏنو آهي.

سينيٽر محسن عزيز چيو ته بئنڪن جي نين برانچن ۾ رڳو اسلامي بئنڪن هجڻ گهرجي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.