پهريون ڀيرو فيفا ورلڊ ڪپ جي ڪوارٽر فائنل ۾ پهچندڙ مراڪش جي رانديگرن فتح کانپوءِ گرائونڊ ۾ فلسطيني پرچم کڻي جشن ملهايو.
ايونٽ جي پري ڪوارٽر فائنل ۾ دلچسپ مقابلي کانپوءِ مراڪش اسپين کي اپ سيٽ شڪست ڏئي ڪوارٽر فائنل ۾ جاءِ ٺاهي ورتي.
ان تاريخي موقعي تي مراڪش جي رانديگرن اسرائيلي فوج جي جبر ۾ زندگي گهاريندڙ پنهنجي فلسطيني ڀائرن کي نه وساريو ۽ گرائونڊ ۾ فلسطيني پرچم کڻي ساڻن يڪجهتي جو اظهار ڪيو.
مراڪش جي رانديگرن جي فلسطيني جهنڊي سان گڏ جشن جي وڊيو ڏسو