ڪراچي (ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل عاصم منير ڪراچي ۾ قائداعظم جي مزار تي حاضري ڏني، هن مزار تي گل نڇاور ڪيا ۽ فاتحه خواني ڪئي.
آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف ڪور هيڊ ڪوارٽرز ڪراچي جو به دورو ڪيو، جتي کيس آپريشنل تيارين، سيڪيورٽي ۽ فارميشن بابت بريفنگ ڏني وئي.
آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته آرمي چيف کي تازي قدرتي آفت دوران سنڌ ۾ سول انتظاميا جي مدد بابت به ٻڌايو ويو.