بيلا حديد ”ماڊل آف دي ايئر“ جو ايوارڊ فلسطيني ٻارن جي نالي ڪري ڇڏيو

 

فلسطين ڄائي آمريڪي سپر ماڊل بيلا حديد پنهنجو ”ماڊل آف دي ايئر“ جو ايوارڊ فلسطيني ٻارن جي نالي ڪري ڇڏيو.

سپر ماڊل بيلا حديد تازو ”ماڊل آف دي ايئر“ جو ايوارڊ حاصل ڪيو آهي.

هن ايوارڊ ملڻ تي پنهنجي جذبن جو اظهار هڪ وڊيو ذريعي ڪيو، ڇو ته هوءَ تقريب ۾ شريڪ نه ٿي سگهي هئي.

بيلا حديد چيو ته مون کي اهو ايوارڊ سڀني کان بهتر هجڻ تي ناهي مليو پر ڪامياب هجڻ تي مليو آهي، اهو ايوارڊ فلسطيني ٻارن لاءِ آهي، اهو انهن سڀني ٻارن لاءِ آهي، جيڪي پناهگير آهن.

واضح رهي ته بيلا حديد جو شمار فلسطينين جي حمايت ۾ سڀ کان وڌيڪ آواز اٿاريندڙن ۾ ٿيندو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.