لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب حڪومت سموگ جي وڌندڙ سطح سبب بيمارين جي خدشي کي ڏسندي لاهور جا اسڪول ۽ آفيسون هفتي ۾ 3 ڏينهن بند رکڻ جو اعلان ڪيو آهي.
صوبائي حڪومت طرفان گذريل رات نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو، جنهن موجب لاهور ضلعي جا سمورا سرڪاري ۽ نجي اسڪول هفتي ۾ 3 ڏينهن بند رهندا.
پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته لاهور هاءِ ڪورٽ جي حڪم جي روشني ۾ سموگ جي موجوده صورتحال سبب لاهور ضلعي جا سمورا سرڪاري ۽ نجي اسڪول وڌيڪ حڪم جاري ٿيڻ تائين آچر تي هفتيوار موڪل کانسواءِ جمعي ۽ ڇنڇر تي به بند رهندا.
لاهور هاءِ ڪورٽ جي حڪم جي روشني ۾ ڊائريڪٽوريٽ جنرل صوبائي ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي پنجاب لاهور جا نجي ادارا ۽ انهن جون سب آفيسون به هفتي ۾ 3 ڏينهن بند رکڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي.
پي ڊي ايم اي طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته لاهور ۾ سموگ سبب شهرين کي ساهه کڻڻ ۾ تڪليف ٿي رهي آهي، تنهن ڪري لاهور جي حدن ۾ ڪم ڪندڙ سمورا نجي ادارا ۽ انهن جون سب آفيسز جمعي ۽ ڇنڇر تي بند رهنديون.
واضح رهي ته لاهور هاءِ ڪورٽ گذريل ڏنهن صوبائي حڪومت کي هدايت ڪئي هئي ته لاهور ۾ هفتي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 3 ڏينهن اسڪول بند رکڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو وڃي.