عوام سدائين روڊن تي آهي

اها ته پڪ آهي ته پي ڊي ايم اتحاد سان حڪومت ٺاهڻ کانپوءِ ملڪ ۾ جمهوريت به اچي چڪي، رات ڏينهن ملڪي ماڻهن کي پريشان ڪرڻ وارو مسئلو به حل ٿي ويو. فوج جو نئون سربراهه به مقرر ٿي ويو. جنهن ڪنهن به طرح پنهنجي بچاءَ واري اداري کي سياست کان الڳ رهڻ جو پڪو پهه نه فقط ڪري ڇڏيو پر اظهاري به ڇڏيو. ملڪ جا ماڻهن جي بنيادي مسئلن کانسواءِ مڙئي مسئلا حل ٿيڻ کانپوءِ به سياست ڪندڙن جي زبان لڳاتار هلي رهي آهي، اهڙن مامرن تي جن مامرن سان عوام جو ڪنهن به طرح واسطو نه آهي. عوام ته مجموعي طرح ٻن ويلن جي ماني گهري رهيو آهي، برسات، اُس ۽ ٿڌ کان بچڻ لاءِ جهوپڙي گهري رهيو آهي جيڪا هُن کي ملڪ ٺهڻ جي 75 سالن ۾ ڪڏهن به حڪومتن ۽ سياستدانن پاران ميسر ڪري نه ڏني ويئي آهي.

نئون آرمي سربراهه واضح ڪري چڪو آهي ته هن جو سياسي معاملن سان واسطو نه آهي، اهو سياستدانن جو ڪم آهي ته اهي ملڪ کي ڪيئن هلائيندا ۽ عوام جي منيءَ صديءَ جي رهجي ويل مسئلن جي تڪليفن کي ڪيئن دور ڪندا ڇاڪاڻ ته سياستدانن مني صدي کان اقتدار ۾ هجڻ واري ڇڪتاڻ لاءِ جيترو پاڻ پتوڙيو آهي اوترو هنن عوام جي مسئلن لاءِ ڪڏهن به پاڻ نه پتوڙيو آهي. ڏٺو اهو به ويو آهي، ته عمران حڪومت ڊهڻ ۽ پي ڊي ايم اتحادي حڪومت ٺهڻ ۾ عوام جي ڪا به شرڪت نه آهي، ۽ ان ڪري عوام جي ان ڳالهه سان پڻ ڪائي دلچسپي نه آهي ته حڪومت ڪير ڪري رهيو آهي. هن کي جيئڻ جو حق ڏنو وڃي.

عوام ته اهو به ڏٺو آهي ته جنهن پارٽيءَ جو منشور ئي اٽو، لٽو ۽ اجهو ڏيڻ تي مدار رکندو هُجي، ان ملڪ جي ۽ جتان، جنهن نعري تي چونڊجي آئي آهي ان سان ڪيترو نڀاءُ ڪيو آهي هاڻ به سياست اقتدار حاصل ڪرڻ لاءِ ڪئي پئي وڃي ماڻهن/ عوام جي ڀلائيءَ لاءِ سوچڻ ۽ عملي ڪم ڪرڻ جو وقت ئي کين نه ملي رهيو آهي. ان ويڙهه کي جمهوريت جي سونهن جو نالو ڏنو پيو وڃي.

جيتوڻيڪ ملڪ جو ڪاروهنوار هلائڻ لاءِ آئين، قانون، اسيمبليون، سينيٽ موجود آهن جتي سياسي طور سڀ ڪجهه ڪري سگهجي ٿو اقتدار توڻي اختلاف ۾ هوندي ملڪي عوام لاءِ ڪي سٺا ڪم ڪري سگهجن ٿا. غربت گهٽائڻ لاءِ ڪي متويزون بحث هيٺ آڻي سگهجن ٿيون ڇاڪاڻ ته مٿيان ادارا انهيءَ لاءِ جڙيل آهن، افسوس صرف اهو آهي جڙيل ادارا ۽ سياستدان پنهنجو پنهنجو گهربل ڪم نه ڪري رهيا آهن. سياست، حمايت توڻي مخالف ادارن ۾ ڪرڻ جي بجاءِ اهو سڀ ڪجهه روڊن تي ڪري عوام لاءِ سهوليت ڪرڻ بجاءِ ان لاءِ اڻ ڳڻيون ڏکيائيون ڪيون پيون وڃن. جڏهن ته عوام 75 سال روڊن تي ئي رهيو آهي. ان جا سبب ڪيترائي آهن.

تازو سبب قدرت طرفان آيل برساتيون آهن ۽ ڀوتارن طرفان آندل ٻوڏيون آهن جنهن سبب عوام جا اجها ڊهي پٽ ٿي ويا آهن ۽ عوام نه چاهيندي به روڊن تي اچي ويو آهي، ڪنهن به وڏي انقلاب آڻڻ لاءِ بنهه نه. فقط پنهنجي سر بچائڻ لاءِ، ڇو ته هن وٽ رهڻ لاءِ اجهو، کائڻ لاءِ اٽو ۽ اوڍڻ لاءِ لٽو ته رهيو ڪونه آهي، اهو سڀ سياستدانن وٽ اڻ ميو آهي جن وٽ ٿورو گهٽ آهي انهن پنهنجو پوراءُ عالمي مليل ان امدادي سامان ۽ ڏوڪڙن مان ڪيو آهي ۽ ڪري رهيا آهن، جيڪا امداد دنيا انهن ماڻهن جو ڏکن کي ڪنهن حد تائين ڏور ڪرڻ لاءِ ڏني آهي، جيڪي هن سياري جي ساڙيندڙ ٿڌ ۾ به رستن روڊن جي ڪنارن تي هڪ ڪپڙي جي تنبوءَ يا وڻن جي اوٽ ۾ پنهنجي ٻچڙن کي هن ۽ ايندڙ قهر جي ٿڌ کان بچائڻ جي جستجوءَ ۾ لڳل آهن ۽ اقتداري سياست ۽ اختلافي سياست جو ملڪ جي عوام سان ڄڻ ڪوئي تعلق نه آهي ڇاڪاڻ ته انهن لاءِ ملڪ ۽ عوام جي نپوڙيل رت مان ڪيئي بلٽ پروف گاڏيون بنگلا، خريد ڪيل آهن.

هونئن اهڙن سياستدانن جو عوام سان ڇا وڃي، جيڪي سونن چمچن ۾ کير پي وڏا ٿيا آهن هاڻ ته اهڙن سياستدانن پاران عوام جي ڏکن تي ڳالهائڻ ۽ سياست ڪرڻ به ڄڻ ته عوام تي ۽ عوامي لفظ تي چٿر يا ٽوڪ ڪرڻ آهي. ساڳي ڪار جمهوريت لفظ سان به ٿي رهي آهي، جيڪا ويچاري بلٽ پروف گهرن ۾ به اظهاري وڃي ٿي ته هڪ ڊڪٽيٽر جي ورديءَ پايون به ان جو نماءُ جاري آهي ۽ جيڪو جمهور آهي. اهو روڊن تي آهي. شال اسانجي سياستدانن کي مٿين لفظن جي اصل تقدس،  اهميت ۽ مطلب جي پروڙ پوي. ائين ٿي پوي ته ڏاڍو سٺو اسان کي هن ايڊيٽوريل معرفت اهو ئي چوڻو آهي، ٻڌڻو انهن کي آهي، جيڪي وس وارا آهن هو جهنگل جا شينهن آهن ٻچا ڏين توڻي آنا ڏين سندن مرضي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.