ٽن معصوم ٻارڙن جي موت جو ذميوار ڪير؟

مبين اڄڻ

سنڌ ۾ پيل تيز طوفاني ھيلوڪي برساتن سبب جتي لاڙ اتر توڙي ڪاڇي جي مسڪين ماروئڙن جو جاني توڙي مالي نقصان جو ڪاٿو اربين رپين ۾ آھي سنڌ واسين جي گھرن زمينن مالوندان جي مال مرڻ جون خبرون روز جي بنياد تي پرنٽ ميڊيا توڙي سوشل ميڊيا تي نشر ٿينديون رھيون آھن پر افسوس جو چار مھينن جو وڏو عرصو گذرڻ باوجود گندو برساتي پاڻي سنڌ جي ڪيترن ئي شھرن توڙي ضلعن ۾ بيٺل نظر اچي ٿو

پر صوبائي حڪومت سان گڏ وزيرن  مشيرن کي ميٽنگن ۽  پريس ڪانفرنسون ڪرائن مان فرصت نٿي ملي جو ھو سنڌ جي برسات متاثرن جي ڪا مدد  ڪرڻ سان گڏ برساتي گندو پاڻي ڪڍرائي جيڪو گھرن توڙي زرخيز زمينن کي تباھ ڪرڻ سان گڏ ھاڻي تلائن جي صورت اختيار ڪري ڪيترن ئي موضي مرضن سميت المانڪ فوتگيون جو سبب بڻجي رھيو آھي.

ان ڏس ۾ ويجهڙ سنڌ جي اخبارن توڙي چينلن تي نشر ٿيندڙ ٻن اخباري سرخين ھر انساني حساس دل ۽ اک آلي ڪرڻ تي مجبور ڪئي آھي ، ھي برساتي ڏکوئيندڙ حادثا ضلعي خيرپورميرس جي شھرن راڻيپور ۽ کھڙا ۾ پيش آيا آھن جن ۾ راڻي پور ڀرسان ڳوٺ سالاري ۾ 13ورھين جو آزاد 12ورھين جي سويرا پيءُ غلام حسين سولنگيءَ ۽ کھڙا واسي معصوم گلاب جي گل ٽي سالا اظھر علي پيءُ جبار اڄڻ سان ان وقت پيش آيو جڏهن ھي ٻارڙا حسب معمول صبح جو پاڙي ۾ راند کيڏڻ ويا پر افسوس جو ڪجھه ڪلاڪن کان پوءِ ھنن جي والدين کي ھي هانوَ ڏاريندڙ خبر ملي ته توھان جا ٻارڙا راند کيڏندي گھر سامھون بيٺل گندي پاڻيءَ ۾ ڪري فوت ٿي ويا. ان وقت ڪيتري قيامت ڪڙڪي ھوندي ان پيءُ ماءُ مٿان جن جا معصوم جگر جا ٽڪرا برساتي بيٺل گندي پاڻي جي موت مار کوھ حوالي ٿي ڪري پنھنجي زندگيءَ جو ڏئيو اجهائي ويھي رھيا. ڇا ھي حادثا قدرت جا ڪيل فيصلا آھن يا سنڌ حڪومت جي ناقص پاليسين سبب پيش ايندڙ ھي موتمار واقعا آھن.

ڪجھه ڏينھن اڳ قلندر لعل شهباز رح جي درگاهه تان سکان کڻي ويل پانڌيئڙن سان برساتي پاڻي نيڪال لاءِ ھنيل روڊ کي ڪٽ سبب پيش ايندڙ انڌوناڪ حادثي جا زخم خيرپور واسين جي دل مان جھڪا ئي ڪونه ٿيا جنھن ۾ ويھن کان مٿين انساني جانيون موت جو شڪار ٿيون اھي زخم اڃا خيرپور واسين جا تازا ئي ھئا جو مٿن ھي ڪالھوڪي برساتي پاڻيءَ جي گندي نالي ۾ ڪري فوت ٿيل ٽن معصوم ٻارڙن جي ڏکوئيندڙ خبر مٿن وڄ جيان ڪري پئي آھي. ھر پاسي موت جھڙي خاموشي جو راڪاس آھي. افسوس ته انھن قلم ڌڻي صحافين تي ٿئي ٿو جيڪي ڪنھن وزير مشير وڏي اعلي عملدار جي ھڪ پريس ڪانفرنس جي  سڏ تي ڊڪي پھچن ٿا پر ڪنھن غريب مسڪين مظلوم وٽ سندن وٽ جاءِ واردات تي لڙي اچي رپورٽ ٺاھڻ جو  ٽائيم آھي

آئون جڏهن کھڙا شھر ۾ پيش آيل معصوم اظھر علي اڄڻ جي تڏي تي پھتس ته معصوم اظھر علي جي پورھيت پيءُ اوڇنگارون ڏئي ٻڌايو ته ادا مبين توھان کان سواءِ ھتڙي ضلعي خيرپورميرس جو ڪوئي به صحافي ھن مصيبت جي گھڙي گھڙي ۾ رپورٽنگ ڪرڻ ۽ دعا گھرڻ لاءِ ھتان جي پيپلزپارٽي جي اڳواڻن کان سواءِ ناھي پھتو

اظھر علي جي والد جو چوڻ ھيو ته اسان ھتان کھڙا شھر جي پاڻي نيڪال ڪاميٽيءَ جي پيپلزپارٽي اڳواڻن ڏي ڪيترائي ڀيرا اهو گندو برساتي نالو بند ڪرڻ لاءِ وياسين پر افسوس جو سواءِ آسرن جي ڪجھه ٿي نه سگهيو ھن روئيندي ٻڌايو ته اهو حادثو شايد نه ٿي جيڪڏهن ھي گندو نالو بند ڪيو وڃي ھا پر افسوس اسان جي معصوم ٻارڙي جي موت کان پوءِ به ساڳيو گندو نالو کليل آھي جيڪو خدانخواسته ٿي سگھي ٿو ته  وري ڪنھن ٻي معصوم جان کي موت حوالي ڪري سگهي ٿو.

ھن پيپلزپارٽي جي چئيرمين وفاقي وزير بلاول ڀٽو زرداري وزير اعلي سنڌ، پبلڪ هيلٿ جي منسٽر ، آءِ جي سنڌ کان مطالبو ڪيو ته شھر کھڙا ۾ بيٺل گندو برساتي پاڻي نيڪال ڪرڻ سان گڏ موسن شاھ بخاريءَ ڪالوني ڀرسان کليل گندي نالي کي في الفور بند ڪرائي ڏيڻ سان گڏ نااھل کھڙا جي پبلڪ هيلٿ جي ايس ڍي او عظمت ڦل کي ڊس مس ڪري ھڪ اعلي سطحي ڪميٽيءَ جوڙي معصوم اظھر جي موت جي جاچ ڪرائي ملوث عملدارن کي قانون جي ڪٽهڙي۾ آڻي اسان کي انصاف مهيا ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.