ڪتاب: ”سڄڻن جا ساريو سانگ“ جو اڀياس

محمد عثمان جوڻيجو

هن پَل هڪ وڻندڙ ۽ رنگ برنگي سهڻي ٽائيٽل وارو دلڪش ڪتاب ‘سڄڻن جا ساريو سانگ’ منهنجي هٿن ۾ موجود آهي. هي خوبصورت گلدستو جوڙيندڙ سائين جيئل اوڏ جيڪو لاڙڪاڻي ضلعي جي انسائيڪلوپيڊيا چئجي ته ان ۾ ڪوبه شڪ نه آهي.

جن ماڻهن جي دلين ۾ هيڪڙائي جنم وٺندي آهي، انهن جي ئي دلين ۾ ٻين لاءِ پنهنجائپ وارو احساس ٿيندو آهي. سائين جيئل اوڏ به انهن مان هڪ آهي. جيڪو جهالت جي اونداهي ۾ به ڏات جا ڏيئا ٻاري ظالم سماج کي روشني جي راھ ڏيکاريندو رهي ٿو.

سائين جيئل اوڏ مضمون يا مقالا لکڻ لاءِ هميشه اهڙا عنوان چونڊيندو آهي، جنهن تي اڳ ڪنهن به قلمڪار قلم نه کيو هجي ۽ هن کي انهن ئي موضوعن تي وڌيڪ دلچسپي سان طبع آزمائي ڪندي سٺو لڳندو آهي ۽ هو تخليق جو عاشق بڻجي هن ظالم سماج جي خلاف مظلومن جي دردن جون ڪهاڻيون ڪيترن ئي سالن کان اخبارن ۽ رسالن ۾ لکندو رهي ٿو. جن لکڻين جي ڪري کيس عذابن ۽ عقوبتن مان گذرڻو به پيو آهي. ڇو ته صدين کان وٺي هن طبقاتي معاشري جي اندر هر سچي ۽ کري ماڻهو کي نه صرف ذهني عذاب ملندو رهيو آهي. پر پوءِ به اُهي ارڏا انسان بنا ڪنهن ڊپ ڊاءَ جي پنهنجي اندر جي اڌمن کي لکڻين جي صورت ڏئي پاڻ کي امر ڪري ڇڏيندا آهن. هيءُ ڪتاب به نون عنوانن جو مجموعو آهي. جنهن ۾ لاڙڪاڻي جي ماڳن ۽ مڪانن جي تاريخ ۽ شخصيتن تي خاڪا لکيل آهن. ايندڙ دور ۾ هي ڪتاب ماضي جي يادگيرن کي تازو ڪندو ۽ ان دور جا رنگ، روپ ۽ قومي وحدت جو جذبو نمايان ڪندو.

ڪتاب جي بيڪ ٽائيٽل تي سائين جيئل اوڏ لاءِ اعجاز علي سولنگي ڪهڙيو نه چاهيندڙ سٽون سرجيون آهن، هو لکي ٿو: “اسان جو جيئل اوڏ پڻ انهن مان هڪ آهي جنهن غربت جا ڏونگر ڏوري علم ۽ عمل جي آڌار تي نه صرف پنهنجي ذاتي زندگيءَ ۾ سڦلتا ماڻي آهي پر ڏات جي ديويءَ جي وڌيڪ آشيرواد سببان علمي، ادبي، تحقيقي ۽ تحريري طور پنهنجي وس ۽ وڙ موجب ووڙيندي، لوڙيندي ۽ لکندي عمر وِهائي آهي.”

هن ڪتاب ۾ ڪجهھ انمول مُهان شخصيتن تي خاڪا به لکيل آهن، جيڪي هن وقت اسان جي وچ ۾ ته نه آهن پر انهن جا ڪيل شاندار ڪم ۽ يادگيريون اڄ به ماڻهن جي دلين ۾ موجود آهن، منهنجي خيال سان انهن مهان شخصن کي اڄ تائين سنڌ وارن ماڻهن به ياد نه ڪيو آهي، جن تي سائين جيئل اوڏ خاڪا لکي تاريخ جي ورقن ۾ انهن کي زنده ڪري ڇڏيو. انهن مهان شخصيتن ۾ هري دلگير، ڪيرت ٻاٻاڻي، روحل فقير، بئريسٽر جان محمد جوڻيجو، ناطق ڳيريلائي، لقمان حڪيم وغيره شامل آهن. سائين جيئل لاڙڪاڻي ضلعي جي علمي، ادبي، سياسي، سماجي ۽ تاريخي حقيقتن کي صحيح معنيٰ ۾ لکيو آهي، هن جيڪو ڪجھه پنهنجي اکين سان ڏٺو، انهن واقعن کي پرکي ۽ پروڙي پوءِ ئي قلم سان ڪاڳَزَ تي لکيو آهي.

ادب جي دنيا ۾ هي ڪتاب تمام گهڻو ساراهبو ۽ سائين کان اميد رکان ٿو ته اسان کي اهڙا ڪتاب اڃا ڏيندو رهندو. سندن ٻه ڪتاب اڳ شايع ٿيل آهن ۽ انهن جو تسلسل هي ٽيون ڪتاب نوجوانن ۽ لاڙڪاڻي تي تحقيق ڪرڻ وارن لاءِ مددگار ثابت ٿيندو.

سائين جيئل اوڏ پنهنجي پاران ۾ لکي ٿو: “منهنجا ٻه ڪتاب ‘سنڌ شناسي’ ۽ ‘منهنجو لاڙڪاڻو’ ادب جي دنيا ۾ پهريائين اچي چڪا آهن هي منهنجو ٽيون ڪتاب “سڄڻن جا ساريو سانگ” اوهان جي هٿن ۾ آهي. هن ڪتاب جي ڪهڙي اهميت ۽ افاديت رهندي اهو اوهان ڀليءَ ڀت ڄاڻي سگهو ٿا. مان ايترو چئي سگهان ٿو، مون کي اميد آهي ته هي ڪتاب به اڳين ڪتابن وانگر مڃتا ضرور ماڻيندو.”

اتم پبليڪيشن لاڙڪاڻو طرفان هي ڪتاب تازو ٻه هزار ٻاويھه عيسوي ۾ ڇپجي مارڪيٽ ۾ اچي ويو آهي. ڪتاب جو ٽائيٽل ۽ ڪمپوزنگ جو ڪم مصور منگي جو ٿيل آهي ۽ ٻه سؤ چوويھه صفحن واري هن ڪتاب جو ملھه پنج سؤ روپيه آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.