هاڻي هڪ ٻيو عمران خان اچي رهيو آهي

رفيق پٽيل

پاڪستان جي عسڪري قيادت جي تبديلي جا مرحلا مڪمل ٿيڻ کانپوءِ پاڪستان جي سياست ۾ تبديلي جي امڪانن کي رد نٿو ڪري سگهجي. ان جو بنيادي سبب ملڪ جون معاشي حالتون آهن جن جي خرابيءَ وگهي ملڪ جو مستقبل خطري ۾ آهي. معاشي بهتري لاءِ سياسي مضبوطي جي ترت گُهرج آهي.

پي ٽي آءِ وٽ ان جو حل عام چونڊون آهن. عمران خان پاران پنجاب ۽ پختون خواهه جون صوبائي اسيمبلون ختم ڪرڻ جي اعلان سان گڏ ملڪ اندر عام چونڊون ڪرائڻ جو مطالبو به شدت سان ٿيندو رهندو.

چونڊون مقرر وقت تي ايندڙ سال آگسٽ ۾ ڪرائڻ يا ان کي ڊيگهه ڏيڻ سان پي ڊي ايم جون جماعتون وڌيڪ ڪمزور ٿي وينديون ۽ انهن جماعتن ۾ اندروني اختلافن کي وڌيڪ هٿي ملندي. پي ڊي ايم جي جماعتن جي قيادت، اقتدار کي ڊيگهه ڏيڻ جي ڪوشش سبب پنهنجي ووٽ بينڪ کان محروم ٿيندي پئي وڃي. اهو رڳو خيالي پلاءُ آهي ته ٻن سالن کانپوءِ چونڊون ڪرائڻ سان پي ڊي ايم اقتدار ۾ واپس اچي ويندي. اها پنهنجي اٺن مهينن جي ڪارڪردگي سان ثابت ڪري چُڪي آهي ته اها معيشت کي وڌيڪ زوال ڏانهن ڌڪيندي رهندي. پي ڊي ايم جي قيادت کي عالمي سطح تي پاڪستان جي نمائنده قيادت جي حيثيت ۾ پذيرائي نه پئي ملي.

پي ڊي ايم جا اڳواڻ ان زميني حقيقت کي مڃڻ لاءِ تيار ناهن ته عمران خان خلاف سندن بيانن جو قومي ۽ عالمي سطح تي اصل فائدو عمران خان کي ئي رهيو آهي. جيڪڏهن عمران خان کي سياست کان ٻاهر به ڪيو وڃي ته ان صورت ۾ به پي ڊي ايم کي هڪ وڌيڪ طاقتور عمران خان کي منهن ڏيئڻو پوندو ۽ نئون عمران خان هر گهٽي ۽ هر گهر تائين پهچي ويندو.

اها به هڪ تلخ حقيقت آهي ته بجلي جي ڳرن ڳرن بلن، پيٽرول ۽ معمول جي شيئن جي اگهن ۾ ٿيندڙ واڌاري سبب عوام اندر ڪاوڙ ۽ نفرت جو طوفان برپا ٿي چُڪو آهي جنهن ڪري اهي پي ڊي ايم کان پري ۽ پي ٽي آءِ جي ويجهو ٿي رهيا آهن. پي ڊي ايم جي بقا اپوزيشن ۾ ممڪن آهي پر اقتدار ۾ ڪنهن به صورت ۾ ممڪن ناهي. پي ٽي آءِ گهڻي تيزي سان وڌي رهي آهي تنهن ڪري ان لاءِ پنهنجي جماعت کي ئي متحد رکڻ ڏکيو هوندو ۽ اها مستقبل ۾ ورهائجي ويندي. ان صورت ۾ به ان ڳالهه جو خدشو برقرار رهندو ته پهرئين ۽ ٻئي نمبر تي پي ٽي آءِ ئي ايندي. پي ڊي ايم جي جماعتن لاءِ پنهنجو وجود برقرار رکڻ معجزو هوندو. اصل ۾ چونڊن کان فرار حاصل ڪري پي ڊي ايم پنهنجو ووٽ بينڪ تباهه ڪري رهي آهي. هڪ پاسي پي ڊي ايم ۽ پي ٽي آءِ جي وچ ۾ اڻ سڌي نموني ڳالهيون هلي رهيون آهن ته ٻئي پاسي پاڪستان جي صدر جو ٽياڪڙيءَ وارو ڪردار به آڏو اچي چُڪو آهي. ٻنهي پاسن کان اڳواڻن کي اميد آهي ته شايد هاڪاري نتيجا نڪرن جڏهن ته اڪثريت بي يقيني جو شڪار آهي. موجوده بحران ۽ سياسي بي يقيني جي پس منظر جو جائزو ورتو وڃي ته انهن ڳالهين جو رخ ۽ امڪاني نتيجن جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو.

هلندڙ سال جي 8 مارچ تي بي اعتمادي جي تحريڪ ۽ 9 اپريل تي عمران خان جي حڪومت جي پڄاڻي کانپوءِ هن وقت تائين پاڪستان جي سياست اندر حڪومت ۽ پي ٽي آءِ جي وچ ۾ هڪ اهڙي شديد سياسي ڇڪتاڻ هلي رهي آهي جنهن جي انت جا آثار تمام محدود آهن. ٻئي پاسي موجوده حڪومتن کي معاشي ميدان ۾ سخت ڏکيائون آڏو آهن. مهانگائي ماڻهن کي پريشان ڪري ڇڏيو آهي. بجلي جا بل ماڻهن جي برداشت کان ٻاهر آهن. صنعت ۽ تجارت انتهائي سست آهي. بي روزگاري ۽ غربت ۾ اضافو ٿي رهيو آهي جنهن سبب عوام جو لاڙو پي ٽي آءِ ڏانهن آهي جيڪو هڪ فطري عمل آهي هن وقت جيڪو به مهانگائي جي خلاف ڳالهائيندو تنهن کي عوامي حمايت ملندي.

پي ٽي آءِ کي پڪو ويساهه آهي ته عام چونڊن ۾ اها ڳري اڪثريت ماڻيندي. گذريل اٺن مهينن ۾ پاڪستان جا سڀ ادارا شديد دٻاءُ ۾ آهن جن ۾ عدالت به شامل آهي. ناليواري صحافي ارشد شريف جي ڪينيا ۾ قتل، سينيٽر اعظم سواتي تي تشدد ۽ عمران خان تي قاتلاڻي حملي جهڙن واقعن ان سلسلي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو جڏهن ته پي ڊي ايم جو خيال آهي ته چونڊن کي ان وقت تائين ٺاريو وڃي جيستائين عمران خان جي سياسي جماعت کي مختلف جماعتن ۾ نٿو ورهائجي. ۽ عمران خان کي نااهل ڪري سياست کان ٻاهر نٿو ڪيو وڃي ۽ ماحول سازگار نٿو ٿئي.

پي ڊي ايم جا اڳواڻ موجوده اسيمبليءَ جي وقت وڌائڻ جو اشارو ڪري چڪا آهن. عمران خان کي سياسي منظر نامي کان ٻاهر ڪرڻ بعد، پي ٽي آءِ جي ڪنهن هڪ گروپ کي پي ڊي ايم ۾ شامل ڪرڻ جو رستو صاف ٿي سگهي ٿو، جنهن جي پٺ ۾ طاقتور ڌرين جي سرپرستي ضروري آهي موجوده بحراني ڪيفيتن جو هڪ سبب اهو به آهي. عمران خان کي سياسي دائري کان ٻاهر ڪرڻ ايترو آسان نه ٿيندو جنهن مسئلي کانپوءِ انتهاپسنديءَ کي فائدو ٿيندو. زميني حقيقتون هيءُ آهن ته ماڻهو مهانگائي جي پڄاڻي ۽ بجليءَ جي بلن ۾ تڪڙي گهٽتائي چاهن ٿا هو مهانگائيءَ کان تنگ ٿي چڪا آهن، اهڙي وقت ۾ پي ڊي ايم جون جماعتون عمران خان جي خلاف بيان ڏيئي ڄڻ ته پي ٽي آءِ کي فائدو ڏيئي رهيون آهن، ڇو ته هو انهن ڳالهين جا جواب ڏيئي ميڊيا جو ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪائي رهيو آهي. حڪومت هن کي ميڊيا کان پري ڪرڻ بجاءِ وڌيڪ ان جو مرڪز بڻائي رهي آهي. هي هڪ فطري عمل آهي ته ماڻهو الزام جو جواب چاهين ٿا، البت الزامن مان فائدو وٺڻ جو ڏانءُ پي ٽي آءِ وٽ آهي. جوابي الزامن سان پي ڊي ايم کي گهڻو پوئتي ڌڪي ڇڏي ٿي، عمران خان جا ساٿي وڌيڪ تيزيءَ سان ڪم ڪرڻ لڳن ٿا ۽ پي ڊي ايم جي اڪثر اڳواڻن کي پي ٽي آءِ ۾ شامل ڪري ڇڏين ٿا. جيئن تازو ئي پيپلزپارٽي، جي يو آءِ ۽ ن ليگ جي ڪجهه اڳواڻن کي پاڻ سان ملائي ڇڏيائون.

الزامن جو سلسلو عمران خان جي سياست اچڻ کان وٺي اڄ تائين هلندڙ آهي جنهن ۾ جمائمه سان شاديءَ کانپوءِ، يهودي ايجنٽ ڪوٺڻ، ٻي شادي ڪرڻ کانپوءِ ريحام خان پاران نشي ڪرڻ جو الزام، ڪفر جون فتوائون، غير ملڪي فنڊن جي حاصلات، شوڪت خانم اسپتال جي فنڊن ۾ هيرا ڦيري ۽ هاڻ توشه خانه وغيره جا الزام شامل آهن پر عمران خان جي مقبوليت لڳاتار وڌي رهي آهي. سبب هيءَ آهي ته ماڻهو پي ڊي ايم جي اڳواڻن تي اعتبار ڪرڻ لاءِ تيار نه آهن، بدلي ۾ عمران خان آهي تعليم يافته نوجوان نسل جو هڪ وڏو تعداد ساڻس گڏ ڪم ڪري رهيو آهي، جنهن ۾ اضافو ئي ٿي رهيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.