سنڌ ڌرتي صدين کان رواداري جي پرچار ڪئي آھي: گيان چند ايسراڻي

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ جي اقليتي معاملن واري وزير گيان چند ايسراڻي ثقافت ڏھاڙي تي سنڌ سميت دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ رھندڙ سنڌين کي واڌايون پيش ڪندي چيو ته سنڌ جي ثقافت امن، محبت ۽ ڀائيچاري جو پيغام آھي. گيانچند ايسراڻي چيو ته سنڌ جي ثقافت بنا ڪنهن رنگ، نسل ۽ مذهب جي فرق جو اھڃاڻ آهي. سنڌ ڌرتي صدين کان رواداري جي پرچار ڪئي آھي. هن چيو ته ثقافت نفرتن کي ختم ڪرڻ ۽ انتها پسندي کي روڪڻ جو بھترين ذريعو آهي. گيانچند ايسراڻي چيو ته اقليتي برادري جو سنڌ جي ثقافت ۾ نمايان حصو آهي، اقليتي برادري ثقافتي ڏهاڙي جي تقريبن ۾ پنھنجي ڀرپور رنگن سان شامل آھي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.