سنڌ محبت، امن، ڀائيچاري ۽ خلوص جي ڌرتي آهي: ناصر شاهه

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ جي بلديات کاتي واري وزير سيد ناصر حسين شاهه سنڌ جي ثقافتي ڏهاڙي جي موقعي تي پيغام ڏيندي چيو آهي ته سنڌ محبت، امن، ڀائيچاري ۽ خلوص جي ڌرتي آهي، سنڌ جا ماڻهو سنڌو درياهه جي پاڻيءَ وانگر نرم ۽ مٺا آهن، مهذب دنيا جي تحقيق مان اهوثابت ٿي ويو آهي ته سنڌ ۾ هزارين سال قديم تهذيب موجود آهي. هن چيو ته سنڌو ماٿري جي تهذيب جديد دنيا جي تاريخدانن لاءِ وڏي دلچسپي رکي ٿي. هن چيو ته سنڌي اجرڪ ۽ سنڌي ٽوپي ۾ سڀني ثقافتن جا رنگ شامل آهن، سنڌين جي کليل دل ۽ مهمان نوازي جي ڪري پوري دنيا ۾ سنڌ جي ماڻهن جو احترام ڪيو ويندو آهي، سيد ناصر حسين شاهه چيو ته سنڌ جي ثقافت کي ملهائڻ دراصل سنڌ جي ريتن رسمن کي هٿي وٺرائڻ آهي. سنڌ پاڪستان جي قيام ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. مڪاني ادارن واري صوبائي وزير چيو ته پاڪستان جي سياست ۾ سڀ کان وڌيڪ معزز ۽ ناليوارو اڳواڻ قائداعظم محمد علي جناح، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي جنم ڀومي به عظيم سنڌو ڌرتي آهي. هن وڌيڪ چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو پاڪستان کي متفقه آئين ڏنو، شهيد محترمه بينظير ڀٽو پنهنجي رت سان پاڪستان ۾ جمهوريت، آئين ۽ قانون جي حفاظت ڪئي، سيد ناصر حسين شاهه چيوته سنڌ هميشه آئين ، قانون ۽ انساني عظمت جي فلسفي کي هٿي وٺرائي آهي. سنڌ انساني حقن جي عظيم علمبردارن شاهه لطيف، سچل سرمست ۽ لعل شهباز قلندر جي ڌرتي آهي. هن چيو ته سنڌي ثقافت تهذيب ، اتحاد، محبت، ڀائيچاري ۽ انسانيت جي احترام جي ثقافت آهي، پاڪستان سميت سڄي دنيا جي ماڻهن کي سنڌ ثقافتي ڏهاڙو مبارڪ هجي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.