گورنر هائوس ۾ ثقافتي تقريب، هو جمالو تي ڪامران ٽيسوري جون نوجوانن سان گڏ جهمريون

ڪراچي (رپورٽر ) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري پاران سنڌ جي ثقافتي ڏهاڙي تي گورنر هائوس ۾ تقريب ڪوٺائي وئي.  تقريب ۾ ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻ ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي، صوبائي وزير محنت سعيد غني، عمان، قطر، بحرين جي قونصل جنرلز، بنگلاديش جي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر ۽ وڏي انگ ۾ ڪراچي واسين شرڪت ڪئي. تقريب ڪوٺائڻ تي شرڪت ڪندڙن گورنر سنڌ جي ان قدم کي ساراهيو. تقريب ۾ حسن سرهندو، نروندا مالني ۽ فهيم الڻ فقير سنڌ جي روايتي گيتن ۽ سازن سان حاضرين کي محظوظ ڪيو. ان موقعي تي پنهنجي خطاب ۾ گورنر سنڌ چيو ته کيس پاڪستان ۽ ڪراچي جو پٽ هجڻ ۽ سنڌ ڌرتي جو رهواسي هجڻ تي فخر آهي. هو جمالو تي تقريب ۾ شريڪ نوجوانن سان گڏ گورنر به جهمريون هنيون.

سنڌي تهذيب پيار، محبت، امن ۽ شانتي جو اهڃاڻ آهي: سردار يار محمد رند

ڪوئيٽا (م ڊ) بلوچستان اسيمبلي جي ميمبر سردار يار محمد رند سنڌي ڀائرن کي سنڌي ڪلچر ڏهاڙي جي موقعي تي مبارڪون ڏيندي چيو آهي ته سنڌ جي ثقافت صدين تي ٻڌل آهي، ڪالهه پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته سنڌ ۽ سنڌ ۾ رهندڙن پنهنجي تهذيب کي زنده رکيو آهي، سنڌي تهذيب پيار محبت، امن ۽ شانتي جو اهڃاڻ آهي.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.