دبئي (م ڊ) متحده عرب امارات جي سفير حماد عبيد الزابي سنڌ ڪلچر ڊي جون مبارڪون ڏنيون آهن.سنڌو ماٿري جي تهذيب ۽ ثقافت قديم آهي، صوفين، شاعرن ۽ سنتن جي هن ڌرتي جا ماڻهو امن پسند ۽ ڀائيچاري سان رهندا آيا آهن.اهو ئي سبب آهي جو ملڪان ملڪ سنڌين جي هاڪ آهي.دبئي جي سفير به سنڌ واسين کي ثقافتي ڏهاڙي جون مبارڪون ڏيندي پيغام ڏنو آهي.