ڄام شوري ۾ هر طرف اجرڪ جي ڦلڙين ۽ ٽوپين جي ستارن جا چمڪاٽ، المنظر تي ميلو

ڄامشورو (رپورٽ:صدر جوڻيجو) عوامي آواز ميڊيا گروپ جي”اچو ته ٻوڏ متاثرن جي سار لهون“سري هيٺ ڄام شوري ۾ ايڪتا ثقافتي ڏينهن تي هر طرف سنڌي ٽوپي اجرڪ ۽ پٽڪو پهريل نوجوان، ٻارن سميت هر عمر جي ماڻھو ايڪتا ثقافتي ڏينهن شاندار طريقي سان ملهايو، ڄامشورو ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب جي صدر عرفان برفت، شريف ابڙو، خواستي بروهي، نديم پنهور، رب نواز ابڙو، مير مرتضي نوحاڻي، سهيل جويو، حيات ميراڻي، صدر جوڻيجو، رحيم بلوچ ۽ نور بروهي جي ميزباني هيٺ ثقافتي مک تقريب فلاءِ اوور برج ويجهو سنڌيونيورسٽي جي پراڻي پيٽرول پمپ تي منقعد ڪئي وئي، جيڪا 24 ڪلاڪ جاري رهي، جتي مزاحيه فنڪار منظور چانڊيو، ماڻھن کي وقتن به وقت کلائيندو رهيو، مک تقريب ۾ خوشبوگل، چنيسر تيوڻو، ننڍڙو جلال محمد علي چانڊيو، امداد چانڊيو ۽ ٻين سڄو ڏينهن تقريب ۾ ڳائي ماڻھن کي جهومائي ڇڏيو جڏهن ته ايس ٽي پي سربراهه ڊاڪٽر قادر مگسي جو پٽ محمد سائين مگسي ڪارڪنن سان گڏ تقريب ۾ شامل ٿيو. جسقم ڄامشوري پاران ڪامريڊ سومر خان جمالي، عابد جمالي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پيادل ريلي ڪڍي شهر جو گشت ڪيو جنهن بعد مختلف گاڏين تي ريلي ڪڍي پاور هائوس، سيدآباد ڪالوني، سنڌيونيورسٽي هائوسنگ سوسائٽي ۽ المنظر پل تي گشت ڪندي قومي ڪلامن تي رقص ڪيو ويو. دڪاندار يونين اڳواڻن اصغر ناريجو،  عبدالحميد تيوڻو ۽ ٻيا وفد جي صورت ۾ تقريب ۾ شامل ٿيا، ڄامشوري جا نوجوان اجرڪ ٽوپيون پائي آصف شورو، شوڪت شورو، ياسين برهماڻي، امتياز چانڊيو ۽ نويد سهاڳ جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي تقريب ۾ پهتا، ڄامشوري جي نوجوانن زاهد راهوجو ۽ بلاول چانڊيو جي اڳواڻي ۾ ثقافتي لباس اوڍي شاندار ريلي ڪڍي شهر جو گشت ڪيو ۽ المنظر کان ٿيندي مک تقريب ۾ شامل ٿيا، سنڌيونيورسٽي جي ملازمن جي تنظيم سيوا جو صدر محمد علي گهانگهرو جي اڳواڻي ۾ ملازم اجرڪ ۽ ٽوپيون پهري تقريب ۾ شامل ٿيا، لمس يونيورسٽي جي ملازم يونين لسوا جو اڳواڻ اعجاز برفت، شاهنواز برفت وفد جي صورت ۾ مک تقريب ۾ شامل ٿيا، سماجي تنظيم شلوا جو چيئرمين ڪامريڊ جوشيلو سنڌي ريلي جي صورت ۾ تقريب ۾ شامل ٿيو، واپڊا يونين اڳواڻ مظفر قريشي وفد جي صورت ۾ تقريب ۾ پهتو، ايس يو پي جو مرڪزي اڳواڻ حافظ بخشل سيهڙو، جاويد شورو وفد سان گڏ پهتو،اجرڪ ٽوپيون پٽڪا پهريل سڄاڻ ڌرين، شهرين، واپارين ريلي ڪڍي. ايس ٽي پي ضلعي صدر ساگر عالماڻي، تعلقي صدر مبين تيوڻو وفد جي صورت ۾ تقريب ۾ شامل ٿيا، ڄامشورو اتحاد جي اڳواڻن ممتاز راهوجو، نبي داد لغاري وفد جي صورت ۾ تقريب ۾ پهتا، پ پ تعلقي صدر سيد فيض محمد شاهه، يوٿ اڳواڻ رابيل ملاح وفد جي صورت ۾ پهتا، شهري ايڪشن ڪاميٽي جي اڳواڻن ياسين ڊومڪي،  ضمير تيوڻو دربان عالماڻي به وفد جي صورت ۾ پهتا، جي يو آءِ اڳواڻ حافظ جميل احمد لغاري به وفد سميت شامل ٿيو. سيوا شاهه لطيف اڳواڻ مصطفي چانڊيو، سماجي اڳواڻ شيخ عبدالله ڪوهستاني به وفد سميت پهتا. پ پ شهيد ڀٽو جو ضلعي اڳواڻ ڪامريڊ سليمان ڀلائي به وفد جي صورت جي صورت ۾ شامل ٿيو،سماجي اڳواڻ روشن برهماڻي، بحر بوٿرائي ماما يعقوب نوحاڻي، سيد ممتاز شاهه، سيد حيدرعلي شاهه، شاگرد اڳواڻ عرفان نوحاڻي تقريب ۾ شامل ٿيا. ان سان گڏ مختلف علائقن مان 20 کان وڌيڪ ننڍيون وڏيون ثقافتي ريليون ڪڍيون ويون جيڪي مک تقريب ۾ وقتن به وقت شامل ٿينديون رهيون جتي صبح 11 وڳي کان شام تائين ميلو متل رهيو ثقافتي ويس اوڍيل نوجوان ٻارڙا قومي ۽ صوفي گيتن تي رقص ڪندا رهيا ۽ جيئي سنڌ جيئي سنڌي ثقافت جا نعرا هڻي پنهنجي ثقافت سان والهانا محبت پيار جو اظهار ڪندا رهيا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.