جيڪب آباد (ڊ ر) جيڪب آباد ۾ ثقافتي رنگ نکري نروار ٿي ويا، ديس واسي ثقافتي ڏڻ ۾ مگن، پوڙها،پڪا، نوجوان توڙي ٻارڙا سنڌ جي عشق ۾ ورتل، جسقم بشير گروپ، جسقم آريسر گروپ ۽ علي محمد عوامي پاران جدا جدا ثقافتي ريليون، جهمريون، جشن، خبر موجب: دنيا جي ڪُنڊ ڪُڙڇ ۾ رهندڙ سنڌي هزارين ورهيه قديمي ثقافت ۽ تهذيب رکندڙ پنهنجي سنڌ وطن جو قومي ثقافتي ڏڻ ملهائڻ ۾ مگن آهن، سنڌ جيڪا صدين کان امن ڀائيچاري ۽ محبت ڀرِيءِ تهذيب جي امين رهي آهي، اڄ انهي سنڌ امڙ کي سندس جوڌا پٽ ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ نِرڙ تي تجلا ڏيندڙ سنڌي ٽوپي سجائي ڪلهن تي اجرڪ اوڍي ثقافتي عيد ملهائي رهيا آهن، اڄوڪي ڏڻ تي ٻار، نوجوان، پڪا توڙي پوڙها پنهنجي ثقافت ۽ تهذيب سان محبت جي اهڃاڻ طور خوشي ۾ سرشار ٿي عالمي سطح تي آشڪار ڪري رهيا آهن ته کين پنهنجي سنڌ جي صدين پراڻي ثقافت ۽ تهذيب سان اڄ به اڻ ٽٽندڙ لڳاءُ آهي.ثقافتي ڏهاڙي جي موقع تي جيڪب آباد ۾ جيئي سنڌ قومي محاذ بشير گروپ، جيئي سنڌ قومي محاذ آريسر گروپ اسٽوڊنٽ فيڊريشن، علي محمد عوامي پارٽي ۽ ٻين پاران عزيز سيال، وارث جکراڻي، آصف سومرو، اديل انڙ، فيض بروهي، غلام رسول سومرو، دلمراد لاشاري، ڪاشف شيخ، راجا لاشاري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مختلف هنڌن کان جدا جدا ريليون ڪڍيون ويون ۽ شهيد الله بخش سومرو پارڪ ۾ گڏجي گڏيل طور پريس ڪلب تائين مارچ ڪيو ويو ۽ جهمريون پاتيون ويون.ريلي ۾ شريڪ سنڌ واسي نچندا ڪڏندا رهيا ۽ سڄي دنيا تائين پيغام پهچايو ته اسان جو اڄوڪو ڏڻ اسان جي عيد آهي ۽ سنڌي قوم صدين کان اڄ تائين امن جي پرچار ڪندڙ آهي.