مٽياري ۾ به ثقافت جا رنگ، ريليون،جهمريون

مٽياري(ڊ ر) مٽياري ۾ به سنڌ جي ثقافتي عيد نھايت ئي جوش ۽ جذبي سان ملھائي وئي ضلعي ھيڊ ڪوارٽر شھر مٽياري ۾ پريس ڪلب اڳيان آجياڻي ڪئمپ قائم ڪئي وئي جتي سڄو ڏينھن ٻارڙا ، نوجوان توڙي ٻڍڙا سنڌي ويس پائي ٽولين جي صورت ايندا ۽ سنڌي گيتن تي جهمريون ھڻندا رھيا مٽياري شھر ۾ ثقافتي ڏھاڙي جي حوالي سان ٻارڙن جو جوش و خروش ڏسڻ وٽان ھو ان کان سواء ثقافتي ڏھاڙي جي حوالي سان مختلف سياسي . سماجي توڙي قومپرست پارٽين پاران پڻ ريليون ڪڍيون ويون جيئي سنڌ قومي محاذ جي ريلي سجيل سالاريو ، نورمحمد ڀينڊو ، ذوالفقار ڏيٿو ، يوسف خاصخيلي ، عمير ميمڻ ، مظھر انڙ جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي جڏھن ته ايس ٽي پي پاران غلام قادر ميمڻ ، رياض چانڊيو ، آصف لڙڪو ، راجو بوم بوم جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي قومي عوامي تحريڪ جي ريلي ماجد خاصخيلي. ذاھد ميمڻ . رحيم خاصخيلي . الطاف کوسو جي اڳواڻي ۾ ڪڍي وئي ڏاھري برادري پاران زاھد ڏاھري . منظور ڏاھري . خالد کوسو . امان امتياز ڏاھري جي اڳواڻي ۾ ريلي نڪتي ان کان سواءِ سماجي تنظيم دي انٽرنيشنل پاران ايم بچل ميمڻ ، رفيق سومرو ۽ سھراب ٻاٽي جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي ان کان سواءِ شھيد بينظير ويلفيئر سوسائٽي . نوجوان اتحاد ۽ ٻين سياسي سماجي تنظيمن پاران ريليون ڪڍيون ويون

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.