هيلوڪي ثقافت ٻوڏ متاثرن جي دردن سان ڀريل آهي، پنهنجي حقن کان غافل نه ٿيو: رياض چانڊيو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)ڪراچي ۾ ٽوپي اجرڪ جو ثقافتي ڏهاڙو وڏي جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو. سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪيل پهريل لکين ماڻهن ڪراچي پريس ڪلب پهچي قومي گيتن تي رقص جهمريون هڻي پنهنجي ثقافت ۽ ڌرتي سان محبت جو اظهار ڪيو.

ان موقعي تي پريس ڪلب اڳيان ڪوٺايل مک تقريب کي خطاب ڪندي جيئي سنڌ محاذ چيئرمين رياض چانڊيو ته ڊسمبر جي هيءَ شام دردن جي ڀريل ايڪتا آهي. ٻه هزار ٻاويهه جي قومي ثقافت ۽ ان سان توهان جي محبت جنهن ٻه هزار ٻاويهه ۾ سنڌ جي مٿان ڪهر ڪيو ويو ملهائڻ تي اوهان جس لهو.

رياض چانڊيو چيو ته ٻه هزار ٻاويهه ۾ سنڌ ۾ اهو قبرستان ٺاهيو ويو جيڪو آسمان واري سنڌ جي مٿان نه مڙهيو اهو جعلي ٻوڏ وارو بم ملڪ جي حڪمرانن مڙهيو، حڪمران ٻڌي ڇڏن قوم ڳاڙهي جهنڊي ۽ ٽوپي اجرڪ سان جهرجنگ ۾ جاڳي پئي.

هن چيو ته اوهان معاشي برباديون، غربت ۽ بُک برپا ڪري عوام کي تباهه ڪيو آهي. ڪو تصور ڪري ته جنهن ڌرتي ماڻهن وٽ معدني زخيرا هجن، گئس هجي، ڪوئلو هجي، بندر هجن، درياهه هجي ان ڌرتي واسين لاءِ ٻه ماني کائڻ به حڪمرانن ڏوهه بڻائي ڇڏيو آهي.

جسم چيئرمين چيو ته بُک ۽ بدحالي سبب ٿر جي معصومن کان وٺي ٻوڏ متاثرن تائين خودڪشيون ۽ موت ڏنو آهي. ڪير اهو تصور به نٿو ڪري سگهي ته جن ماڻهن وٽ انساني ترقي جا سڀئي وسيلا هجن انهن جي مٿان بُک مصلت ڪئي وڃي، قانوني اڻبرابري مصلت ڪيو اسان کي اهڙي غلامي قبولي ناهي.

رياض چانڊيو چيو ته سنڌ ۾ ڌارين کي آباد ڪري دولت مند سنڌين کي غريب بڻايو پيو وڃي، دولت مندن کي غريب ڪري تورخم ۽ چمن جا بارڊر کولي چاليهن سالن تائين لکين غيرقانوني پرڏيهي آڻي سنڌي ماڻهن کي قتل عام ڪرايو پيو وڃي. وحشي ڌارين هٿان بلاول ڪاڪا ماري چيو وڃي ٿو ته سنڌ خاموش رهي. سنڌ ان ظلم تي خاموش نه رهندي.

سندس چوڻ هو ته پوليس جي رپورٽ ۾ چيو ويو ته مڇر ڪالوني ۾ رهندڙ غيرقانوني پرڏيهي آهي جن ٻن سنڌي ماڻهن کي بيدردي سان قتل ڪيو. حڪمرانن انهن کي هٿ سان رهائي ڌرتي جا ڳڀرو پُٽ مارڻ جو لائيسن ڏنو ويو آهي ۽ سنڌ کي چپ رهڻ جو چيو پيو وڃي. پر سنڌ ۽ سنڌي قوم چوندي رهندي ته ڌاريا سنڌ ڇڏي وڃو، سنڌ اسان جي ماءُ آهي.

هن چيو ته توهان سنڌي قوم کي ڪمزور سمجهي مصيبتن مٿان مصيبتون پئي آنديون آهن.

سنڌ يونيورسٽي ۾ ثقافتي ڏهاڙو ملهائڻ تي پوليس اٽالا مقرر ڪرڻ واري معاملي تي ڳالهائيندي هن چيو ته ايڏو وڏو ظلم جو سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ ثقافتي ڏهاڙو ملهائڻ به ڏوهه بڻجي ويو آهي، اها جبر ۽ ظلم جي انتها آهي ته ثقافتي ڏهاڙو ملهائڻ تي شاگردن مٿان ظلم ڪيو ويو.

جيئي سنڌ محاذ چيئرمين چيو ته اسان پاڪستان جي ٻين قومن کان مختلف آهيون، اسان پرامن قوم آهيون، اسان ڪنهن جي وطن تي قبضو ناهي ڪيو، نه ئي اسان ڪنهن تي ڪا ناجائزي ڪاهه ڪئي آهي، نه ئي ڪنهن جو بيگناهه رت وهايو آ.

هن جو چوڻ هو ته حڪمرانن سنڌي ماڻهن کي قتل ڪرڻ جو اختيار ڏئي ڇڏيا آهن، سنڌ جي وجود کي خطرو آهي اسان پنهنجي ڌرتي جي انچ انچ جي حفاظت ڪنداسين. خطرن سان منهن ڏيڻ به قومن جو ڪم آهي. بنگالي ۽ ويٽنالي خطرن سان منهن ڏئي دنيا جي اڀرندڙ معيشت بڻيا آهن. چائنيز به اڄ دنيا ۾ مهذب بڻيا آهن. آفريقي غلام بڻجي پوءِ آزاد ٿيا آهن.توهان جي آزادي توهان جي خوشحالي توهان جو حق آهي ۽ وطن جي وارثي توهان جي مٿان فرض آهي.پنهنجي فرضن کان غافل نه ٿيو، پنهنجي حقن ۽ غيرن کي ڌرتي تان ڌڪارڻ لاءِ جدوجهد هلندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.