چپي چپي جي حفاظت ڪرڻ ڄاڻيون ٿا، ڀارت ناپاڪ ارادن ۾ ڪامياب نٿو ٿي سگھي: آرمي چيف

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو آهي ته اسان جي هٿياربند فوج مادر وطن جي چپي چپي جي حفاظت ڪرڻ ڄاڻي ٿي، ڀارت ڪڏهن به پنهنجي ناپاڪ ارادن ۾ ڪامياب نٿو ٿي سگھي.

پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل عاصم منير لائن آف ڪنٽرول جي رک چڪري سيڪٽر جو دورو ڪيو آهي، جتي هن کي تازي صورتحال ۽ فارميشن جي آپريشنل تيارين تي بريفنگ ڏني وئي.

آرمي چيف آفيسرن ۽ جوانن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ سندن پيشواراڻي قابليت ۽ بلند حوصلن جي ساراهه ڪئي.

ان موقعي تي خطاب ڪندي آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو ته ڀارتي قيادت گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير تي تمام گھڻو غير ذميواراڻا بيان ڏنا.

پاڪستان جي هٿياربند فوج ڪنهن به اڳرائي جو ڀرپور جواب ڏيڻ لاءِ هر وقت تيار آهي، اسان جي هٿياربند فوج مادر وطن آهي، چپي چپي جي حفاظت ڪرڻ ڄاڻي ٿي.

آرمي چيف چيو ته ڪنهن به مس ايڊوينچر جو پوري طاقت سان جواب ڏنو ويندو ۽ ڀارت ڪڏهن به پنهنجي ناپاڪ ارادن ۾ ڪامياب نٿو ٿي سگھي.

آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو ته عالمي برادري ڪشميرين کي گڏيل قومن جي ٺهراءَ تحت سندن حق ڏياري.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.