پي ٽي آءِ ۽ پي ڊي ايم ٻئي ناڪام ۽ بدنام آهن:سراج الحق

لاهور (ويب ڊيسڪ) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته پي ٽي آءِ ۽ پي ڊي ايم ٻئي ناڪام ۽ بدنام آهي، عوام کين رد ڪري ڇڏي.

جماعت اسلامي جي ترجمان پاران جاري ڪيل بيان ۾ سراج الحق چيو ته سيڙپڪارن ۽ جاگيردارن عوام جا حق لتاڙي ڇڏيا آهن، ڪجهه ماڻهن جي دولت ۾ واڌ ٿي رهي آهي، عوام فاقا ڪاٽڻ تي مجبور آهي.

هن چيو ته حڪمرانن جي سياست پاڪستان ۾، جڏهن ته ٻار ۽ ملڪيتون يورپ ۽ آمريڪا ۾ آهن.

جماعت اسلامي جي امير چيو ته حڪمران طبقو قوم کي ستن ڏهاڪن کان دوکو ڏئي رهيو آهي، حڪمرانن بئنڪن کي لٽيو ۽ ٽيڪس چوري ڪري ٻاهرين ملڪ آف شور ڪمپنيون ٺاهيون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.