سنڌي ثقافت جو پيارو ڏينهن

محمد خان سيال

اڄ نه رڳو سنڌ پر ساري دنيا جي مختلف ملڪن ۾ رهندڙ سنڌي، ساليانو ثقافتي ڏينهن ملهائي رهيا آهن ۽ هو پنهنجي شاهوڪار ثقافتي ورثي کي ٻيھر عزت ڏئي رهيا آهن جنهن جو کين پورو پورو حق حاصل آهي پر ساڳي وقت هو پنهنجي ايندڙ نسل کي اها به ڄاڻ ڏئي رهيا آهن ته سنڌي ثقافت، دنيا جي شاهوڪار ثقافتن مان هڪ آهي جنهن تي فخر ڪرڻ جو کين حق آھي.

هونئن به پنج هزار ورھين کان اڳ، جڏهن دنيا جهالت ۾ ٻڏل هئي ته ان وقت به سنڌي ثقافت پنهنجي زورن تي هوندي هئي ۽ ظاهر آهي ته ڪابه ثقافت هڪ ڏينهن ۾ پنهنجي اوچائيءَ  تي هرگز ڪونه پهچندي آهي، اهڙي ريت سنڌي ثقافت جون پاڙون 20 يا 25 صديون پراڻيون آهن.

جيڪي تاريخ ۽ ثقافت جا ڄاڻون آهن تن کي اها خبر آهي ته تاريخ توڙي ثقافت منتقل ٿيڻ جوڳيون (نان ٽرانسفربل) حقيقتون ڪونه هونديون آهن يعني جيڪڏهن سنڌ ڌرتي آهي ته ان جي مکيه ثقافت رڳو سنڌ ڌرتيءَ سان ئي وابستا هوندي آھي ۽ نه ئي ڪنهن پريَ واري ملڪ سان. ڪجهه حرڪتون ملڪ جي پهرين ۽ اڻ چونڊيل وزيراعظم لياقت علي خان جي دور ۾ ڄاڻي واڻي ڪيون ويون ته جيئن لڏپلاڻ ڪري ايندڙ، ڌرتيءَ جي اصل سپوتن مٿان اوچائي ثابت ڪري سگھن جيڪا نهايت ئي خطرناڪ ۽ قبوليت نه جوڳي شرارت هئي.

سنڌ جو ثقافتي ڏينهن اڄ ملهايو پيو وڃي جنهن دوران شاهوڪار سنڌي ثقافت سان پيار رکندڙ هر هڪ شخص، جيجل سنڌ سان پنهنجي اڻ مٽ پيار جو وچن ورجائي  رهيو آهي.

اهابه سچائي آهي ته زندهه قومون پنهنجي تهذيب ۽ ثقافت جو بچاءُ ڪنديون رھنديون آهن ۽ انهن جي ترقيءَ ۾ پنهنجو بھتر ڪردار ادا ڪنديون آهن پر ناجائز قبضو ڪندڙ قومون يا ٽولا سڀ کان اڳ، مخالفن جي تهذيب ۽ تمدن کان علاوهه انهن جي ادبي خزاني تي به وار ڪندا آهن ۽ دنيا کي اهو ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪندا آهن ته ڌرتي ڌڻي ته جاهل، ڄٽ ۽ غير تهذيب يافتا هئا ۽ اسان ئي اچي انهن کي رهڻ ڪهڻ سيکاريو آهي نه ته اھي جانورن وانگيان زندگي گذاريندا هئا. بدقسمتيءَ سان گھٽ يا وڌ اهڙي زيادتي، سنڌ جي ماڻهن سان ڪئي وئي ھئي جن وٽ صدين کان پراڻي شاهوڪار تهذيب ۽ تمدن آهي. اهڙن واقعن جا شاهد، اسان جهڙا ڪيترا سنڌي اڄ به موجود آهن جڏهن ته ون يونٽ جي قهري ڪوٽ ٽٽڻ کان اڳ، اسان کي اردو اخبارون ۾ زيادتيءَ واريون اهڙيون خبرون توڙي مضمون عام طور پڙهڻ لاءِ ملندا هئا. انهيءَ کان علاوهه، پبلڪ جاين جهڙوڪ ريلوي اسٽيشنن، بس اسٽاپن، ٽرينن ۽ بسن اندر وغيره تي ٿوري گھڻي ڳالهه تي اسان کي ڌارين جا اهڙا مهڻا گهڻو ڪري ٻڌڻ ۾ به ايندا هئا ته هنن ئي اسان کي اٿڻ ويهڻ ۽ تهذيب سيکاري آهي نه ته اسان هت واڻين جا غلام هئاسين ۽ غلامن واري حياتي گذارينداهئاسين.

سچائي اھا آھي ته جڏهن دنيا عام طور جهالت ۾ هئي ته ان وقت به سنڌ جا ماڻهو تهذيب يافتا هئا ۽ دنيا سندس اعلى قابليت تي رشڪ ڪندي هئي، اسان جي اڳيان موهن جي دڙي جو مثال آهي جنهن جي پنج هزار سالن کان وڌيڪ پراڻي تهذيب کي، دنيا جي سڀ کان پراڻي تهذيب بين الاقوامي طور مڃيو ويو آهي، جنهن تي اسان جيترو به فخر ڪريون سو گھٽ آهي پر ساڳئي وقت اها ڳالهه به مڃڻي پوندي ته تهذيبن کي ڪمال ۽ زوال به هوندو آهي ۽ اسان کي پنهنجي اعلى ورثي تي پاڻ کي هر وقت سکڻو ٻڌائڻ نه گھرجي پر اهڙيون ڪوششون به ڪرڻ گھرجن جو پنهنجي عاليشان ثقافتي ورثي کي اڳيان رکندي، اسان هر ميدان ۾ پنهنجن بھتر ڪاررواين کي به مڃرايون ۽ دنيا کي ڏيکاريون ته پنج هزار ورھين کان وڌيڪ پراڻي تهذيب رکندڙ ماڻهن اڄ به پنهنجون عاليشان روايتون نه رڳو برقرار رکيون آهن پر انهن تي عمل پيرا ٿيندي پنهنجن صلاحيتن جي بنياد تي پاڻ کي مڃرائڻ جي به اهليت رکن ٿا.

سوال آهي ته هت اهي سڀ ڳالهيون ڪرڻ ۽ ساري دنيا ۾ سنڌي ثقافتي ڏينهن ملهائڻ جي آخر ضرورت ڇو پيش آئي؟ بهرحال، تاريخي رڪارڊ کي درست ٺيڪ ڪرڻ لاءِ هت اهو ٻڌائڻ به ضروري آهي ته اردو ٽي وي چينل جي اينڪر پرسن ۽ سندن اردو اخبار رپورٽر شاهد مسعود ، ملڪ جي اڳوڻي صدر ۽ پاڪستان پيپلز پار تيءِ جي سربراھ آصف علي زرداريءَ جي سنڌي ٽوپي پائي افغانستان وڃڻ تي نفرت جو اظهار ڪندي ان تي تنقيد ڪئي هئي . ھن باهه تي پيٽرول هارڻ جو ڪم ڪيو ۽ ڪروڙن سنڌين جي دلين کي رنجايو. هونئن ته اهڙا ميڊيا جا ادارا ڌرتي ڌڻين سان لاتعلقيءَ وارو پنهنجو سلسلو، ورهاڱي (آگسٽ 1947) کان جاري رکندا اچن ۽ موقعي ملڻ تي وار ڪرڻ ۾ به ڪو عيب نه ٿا محسوس ڪن پر وقت گذرڻ سان سنڌي تهذيب خلاف نفرت سندن دلين کان مڪمل طورختم ڪانه ٿي سگھي ۽ اهڙي دونهين اڄ به ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ اهڙن ماڻهن جي دلين ۾ دُکي رهي آهي.

مون کي ڪجھه وقت اڳ، اردو اخبار ۾، هڪ وڪيل جو ڪالم پڙهي افسوس ٿيو جنهن ۾ ڪالم نگار، پرڏيهي شخصيتن کي سنڌي اجرڪ ۽ ٽوپي پيش ڪرڻ تي به اعتراض ڪيو هو. اهڙن موقعن تي محترم پير حسام الدين راشدي مرحوم جا ثقافت جي باري ۾ لفظ ورجائڻ جي ضرورت آهي ته جيئن عام ماڻهوءَ کي سچ جي خبر پئي.

شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي حڪومت ۾ سال 1972ڌاري سرڪاري پاڪستان ٽيليويزن چينل تي ثقافت جي باري ۾ بحث جو هڪ پروگرام ٽيليڪاسٽ ٿيندو هو جنهن ۾ پير حسام الدين شاهه راشدي مرحوم ۽ اردو جو مشهور اديب جميل الدين عالي به شريڪ ٿيندا هئا (ياد رهي ته جميل الدين عالي، پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي ٽڪيٽ تي ڪراچيءَ کان، سال 1970 دوران چونڊ به وڙهيو هو پر هارايائين). جميل الدين عاليءَ جو چوڻ هو ته هو (مهاجر) پاڻ سان جيڪا تهذيب کڻي آيا آهن سا ئي پاڪستان جي اصل تهذيب آهي جڏهن ته پير حسام الدين راشديءَ مرحوم جو چوڻ هو ته ڪا به تهذيب 20 ـ 25 ورهين ۾          (پاڪستان ۾ رھائش دوران) ڪانه ٺهندي آهي.

اصل ۾، ورهاڱي کانپوءِ فتنو ان وقت پيدا ٿيو جڏهن هندوستان کان لڏپلاڻ ڪري ايندڙن جي هڪ ٽولي، اسلام جي نالي ۾ ٺهيل دنيا جي پهرين ملڪ گڏيل پاڪستان اندر قران جي ٻولي يعني عربي کي قومي ٻولي بڻائڻ کان انڪار ڪيو ۽ زوري زبردستي پنهنجي ٻولي اردو مڙهي ڇڏيائون جڏهن ته اها رڳو لڏپلاڻ ڪري آيل 3 سيڪڙو ماڻهن جي مادري ٻولي مس هئي، اهڙي ريت شيرواني کي قومي ٻولي لباس بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي جنهن جو اسلامي يا هن علائقي (جت پاڪستان ٺهيل آهي) جي تهذيب سان پري جو به ڪوبه واسطو ڪونه هو. اهي سڀ ڪوششون هڪ خاص ٻولي ڳالهائيندڙن ٽولي، پنهنجي قبضي وارو ماحول قائم ڪرڻ لاءِ ڪيون هيون.

دوري تي آيل پرڏيهي شخصيتن کي اجرڪ ۽ ٽوپي سوکڙيءَ طور ڏني ويندي آهي، جيڪو درحقيقت پاڪستان جي تهذيب کي هٿي ڏيارڻ جي برابر آهي، هن وقت اسان جا سربراهه ۽ ٻيون اعلى شخصيتون سرڪاري دورن دوران انگريزي سوٽ پائن ٿا، ڇا اهو پاڪستاني لباس آهي؟سنڌ جي عوام کي، هڪ خاص گروپ طرفان سنڌي ثقافت تي اعتراض جو ٻڌي ڏک ٿئي ٿو.

سنڌ جي تهذيب 5 هزار سالن کان وڌيڪ پراڻي هئڻ جي باوجود به پاڪستان جي تهذيب جو حصو آهي ڇاڪاڻ ته سنڌ، پاڪستان ۾ شامل آهي جنهن جي ساري دنيا ۾ مشهوري، پاڪستان جي تهذيب کي هٿي ڏيارڻ جي برابر آهي پر افسوس ته اسان جي حڪمرانن توڙي ڪامورن کي اها ڳالهه سمجھه ۾ ئي ڪونه ٿي اچي. مون پي.آءِ.اي جي ڪنٽري مئنيجر جي حيثيت ۾ ڪابل (افغانستان) جي پوسٽنگ دوران پاڪستان ٽوئرزم ڊولپمنٽ ڪارپوريشن جا مشهوريءَ وارا پوسٽر گھرايا ھئا ته مونکي موهن جي دڙي کان سواءِ سنڌ جي تهذيب ۽ ثقافت وغيرهه جي عڪاسي ڪندڙ ڪو به پوسٽر ڪونه موڪليو ويو، هڪ کان علاوهه رهيل سڀ پوسٽر پنجاب سان واسطو رکندڙ ۽ اتان جي صوبائي سياحت کاتي جا تيار ڪيل هئا جڏهن ته سنڌ جي سياحت کاتي جي ڪارڪردگي انهيءَ سلسلي ۾ ٻُڙي رهي آهي. اهو هو اسان جي سرڪاري ادارن جو روي ھوندو ھو!

اسان کي گهرجي ته پاڪستان جي چئني صوبن جي ثقافت کي هٿي ڏيون ڇاڪاڻ ته اهڙن سرڪاري ادارن جي به نندا ڪرڻي پوندي ته پاڪستان رڳو پنجاب تائين محدود ناهي، سڀني کي پنهنجا پنهنجا حق ڏيو جنهن ۾ سڀني جو فائدو آهي. ڪجهه ورهيه اڳ، سنڌ سرڪار، اجرڪ کي اسڪول يونيفارم جو حصو بڻائڻ جو اعلان ڪيو ھو.

هر سال ثقافتي ڏينهن ملهائڻ جو فائدو اهو ٿيو آهي جوسنڌي تهذيب سڄي دنيا ۾ مقبول ٿي رهي آهي. گذريل ڪجهه سالن کان ملهائجندڙ انهيءَ سالياني ڏينهن سبب، دنيا جي مکيه شهرن ۾ سنڌي ثقافت جي نماءَ جا ميڙاڪا ٿيا جن ۾ مڪاني ماڻهن به ڏاڍي دلچسپي ورتي، انهيءَ سلسلي ۾ مونکي پنهنجو تجربو به آهي ته دنيا جي ڪجهه ملڪن جن ۾ برطانيا (لنڊن)، بنگلاديش (ڍاڪا)، فلپائين (منيلا)، سنگاپور، ٿائلينڊ (بئنڪاڪ)، ڪينيا (نيروبي)، سري لنڪا (ڪولمبو)، آمريڪا (مختلف شهر)، ڪيناڊا وغيرهه ۾ سنڌي ٽوپي پائي ۽ اجرڪ اوڍي ويندو هوس ته مڪاني ماڻهو سنڌي ڊريس ۾ گھڻي دلچسپي وٺندا هئا ۽ ڪيترا ته مون سان گڏ فوٽو به ڪڍرائيندا هئا.

اچو ته اسان پنهنجي پنج هزار ورهين واري تهذيب تي فخر ڪريون ڇاڪاڻ ته اسان جي تهذيب کي ساري دنيا، سڀ کان پراڻي تهذيب مڃي ٿي پر ساڳي وقت اها به ڪوشش ڪريون ته پنهنجي تهذيب کي عام ڪرڻ لاءِ پنهنجن ٻارن جي به ان ۾ دلچسپي پيدا ڪريون ۽ ٻين صوبن سان واسطو رکندڙ مهمانن توڙي دوستن کي سنڌي اجرڪ ۽ ٽوپيون سوکڙيءَ طور ڏيون.

جيڪي دوست پرڏيهه وڃن ٿا تن کي به گھرجي ته هو پاڻ سان سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ جا تحفا کڻي وڃن ۽ اتي دوستن کي ڏين. ڪجھه وقت اڳ، منهنجو هڪ فرزند خرم خان سيال جيڪو ماسٽر آف پبلڪه هيلٿ ڪرڻ لاءِ بريڪ يونيورسٽيءَ (جنهن جو واشنگٽن يونيورسٽي سان الحاق آهي)۾ پڙهڻ لاءِ بنگلاديش ويو ته پاڻ سان ڪيترائي اجرڪ کڻي ويو جن کي بنگالين ڏاڍو پسند ڪيو. مان پاڻ به سندس گريجوئيشن واري تقريب ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ ڍاڪا ويس جت واشنگٽن يونيورسٽيءَ جا اهلڪار به آيل هئا ته اتي سنڌي ٽوپي پاتم ۽ اجرڪ اوڙهيم جڏهن ته ان تقريب ۾ ڪيترا آفريڪي شاگرد پنهنجا پنهنجا لباس پائي آيا هئا جن سڀني کي پسند ڪيو ويو.

بهرحال، سنڌي ثقافت کي عام ڪرڻ لاءِ اسان کان جيترو به ٿي سگھي سو ڪريون ڇاڪاڻ ته سنڌي ثقافت نه رڳو شاهوڪار آهي پر اها ساري دنيا ۾ پيار، محبت، امن ۽ ڀائيڇاري کي عام ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگھي ٿي.سچ ته سنڌي ثقافت جو ڏينهن، سڄي دنيا ۾ امن، آشتي،عدم تشدد ۽عالمي ڀائيچاري جي ڏينهن طور ملهائي سگھجي ٿو جنهن لاءِ منهنجي رٿ آهي ته سنڌ جا ڪجھه ادارا، گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل اينٽونيو  گيوٽرس کي اهڙي رٿ لکت ۾ موڪلن. جيڪڏهن 21 فيبروريءَ کي بنگالين جي جدوجهد جي پوئواريءَ ۾ مادري ٻولين جو عالمي ڏينهن مهايو وڃي ٿو ته پوءِ ڊسمبر جي پهرين آچر کي دنيا جي ثقافتن جو ڏينهن ڇو نه ٿو ملهائي سگھجي؟

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.