سنڌي ثقافت جو اڄوڪو ڏينهن ۽ ٻوڏ متاثرن جي سار لهڻ جو سڏ

هر سال وانگر ڊسمبر جي پهرين آچر تي عوامي آواز ميڊيا گروپ سنڌ جو ثقافتي ڏينهن ملهائي رهيو آهي. عوامي آواز ميڊيا گروپ جيئن هميشه کان عوام جو آواز رهيو آهي، سندن ترجمان رهيو آهي سو اڄ به عوامي آواز ميڊيا گروپ نه رڳو ايڪتا ۾ ان سان گڏ آهي پر پاڻ ان ثقافتي سرگرمي جو ميزبان به آهي.

عوامي آواز ميڊيا گروپ نه رڳو ثقافت جو ساليانو ڏينهن ملهائيندو رهيو آهي پر ان ڏينهن جو فائدو وٺندي سنڌ جي بنيادي مسئلن کي به نروار ڪندي جاڳرتا ڏيندو رهيو آهي ۽ ائين سنڌي ثقافت تي هٿي ڏيڻ سان گڏ فڪري طور به ان ڏينهن کي با مقصد بڻائڻ جي روايت وجهندو رهيو آهي.

هلندڙ سال جيئن ته سنڌ ۾ رڪارڊ برساتون پيون گڏوگڏ ٻوڏ پڻ منهن ڪڍيو تنهن ڪري سنڌ ۽ سنڌي عوام هن سال تمام وڏي آفت ڏٺي ۽ ان کي جنهن نموني ڀوڳيو ۽ ڀوڳي رهيو آهي تنهن جو ڪاٿو لفظن، جملن، مضمونن، ڪالمن ۽ ايڊيٽوريلز ۾ نٿو ڪري سگهجي. آسمان مان لڳاتار زوردار برسات پوندي هجي ۽ زمين تي درياهي ٻوڏ هجي ته پوءِ ڇا ٿو بچي.اهي ٻئي آفتون گڏ آيون جن سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن کي هر لحاظ کان تباهه ۽ برباد ڪري ڇڏيو. ايڏي تباهي ۽ بربادي جو، ان جو ڪو حساب ئي ناهي. اهو ئي سبب آهي ته دنيا جي ملڪن پاڪستان جي حڪومت جي تمام وڏي مالي مدد به ڪئي ته خوراڪ، دوائن ۽ ٻين ضروري شين جهڙوڪ خيمن وغيره ۾ سهڪار ڪيو. ڇاڪاڻ ته انهن سمجهيو ته ان تباهي ۽ بربادي کي منهن ڏيڻ اڪيلو حڪومت جي وس جي ڳالهه ناهي ۽ حڪومت به اهو اعتراف ڪندي رهي آهي ته تباهي جو ازالو صرف اسان لاءِ ممڪن ناهي. ان لاءِ اسان کي عالمي سهڪار جي گهرج آهي.

عوامي آواز ميڊيا گروپ ته ان آفت جي اڳواٽ ئي اڳڪٿي ڪندو آيو هو، اسان پنهنجن مضمونن، ڪالمن ۽ ايڊيٽوريلز ۾ حڪومت کي خبردار ڪندا رهيا سينته برساتن ۾ ٻوڏن جي نقصان کان بچڻ لاءِ انتظامي اپاءَ وٺو، واهن کي اونهي کان اونهو ڪيو، جيئن انهن ۾ گهڻي کان گهڻو پاڻي جمع ٿي سگهي، هر سال ڪينالن جي کوٽائي ڪريو، درياهي ۽ برساتي لنگهن تي جيڪي قبضا ٿيل آهن سي ختم ڪري ٻوڏن ۽ برساتن جي وهڪرن جي رنڊڪ ختم ڪريو.هاڻوڪي سال واري برسات جڏهن ڏيڍ مهيني کان بلوچستان ۾ هلي رهي هئي ۽ تباهي مچائي رهي هئي ته اسان تڏهن ئي دانهون ڪيون هيون ته بلوچستان جو اهو برساتي پاڻي سنڌ ۾ ئي ايندو ۽ هتي به تباهي مچائيندو پر افسوس جو اسانجين رڙين ۽ ڪوڪن کي اڻ ٻڌو ڪيو ويو ۽ پوءِ اهو سڀ ٿيو جنهن جي اسان نشاندهي ڪندا آيا هياسين.

پر افسوس ته روايت موجب سنڌ حڪومت اڳواٽ انتظام نه ڪري سگهي ۽ سنڌ اندر سال 2010ع کان به وڏي تباهي ٿي. اها به حيرت جي ڳالهه آهي ته سال 2010ع واري ٻوڏ کي ڏسڻ ۽ ڀوڳڻ باوجود سنڌ حڪومت ان مان ڪو سبق حاصل نه ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ هن سال به سنڌ اندر هزارين ڳوٺ ۽ گهر ڊهي پيا، فصل مڪمل طور تي ناس ٿي ويا، ڪروڙين رپين جو هاڃو ٿيو. عوام بي گهر ٿي ويو، معاشي وهنوار بيهي ويو، ماڻهو روڊن رستن تي اچي ويا، وڏي تعداد ۾ ماڻهو ڪي ٻوڏ ۾ لڙهي ويا ڪي بيماري ۾ مري ويا ۽ وڏي انگ ۾ ماڻهن جو مال به مئو.

ان آفت جي بحالي جو ڪم به ڏسجي ته هنگامي بنيادن تي نه ٿي سگهيو آهي. رپورٽون آهن ته ڳوٺن ۽ رستن تي هاڻي به پاڻي بيٺل آهي، بي گهر ماڻهن جي گهرن جي اڏاوت جو ڪم شروع نه ٿي سگهيو آهي. سياري جي موسم اچي پهتي آهي پر ماڻهو کليل آسمان هيٺ ويٺل آهن.جيترو فنڊ ۽ امداد حڪومت کي ملي آهي اوتري ٻوڏ متاثرن تي استعمال ٿيندي نظر نٿي اچي. ٻوڏ متاثر سراپا احتجاج آهن.

اهڙي ڏکايل ۽ تڪليفن ۾ چور سنڌي عوام لاءِ جڏهن عيد جهڙو ثقافت جو ڏينهن آيو آهي ته عوامي آواز ميڊيا گروپ ان ڏينهن کي سادگي سان ملهائڻ جو اعلان ڪندي هيلوڪو ثقافتي ڏينهن ان عنوان سان ملهائڻ جو فيصلو ڪيو آهي ته ”اچو ته ٻوڏ متاثرن جي سار لهون“. اها اسان سنڌين جي روايت به رهي آهي ته جن گهرن ۾ عيد کان اڳ يا انهن ڏينهن ۾ فوتگي ٿيندي آهي ۽ اهي سادي نموني عيد ملهائيندا آهن، پنهنجن پيارن جي وڇوڙي تي خوشي ناهن ملهائيندا ته اخلاقي طور ٻيا ماڻهو سڀ کان اڳ ۾ سندن گهر وڃي ساڻن عيد ملهائيندا آهن، کين آٿت ڏيندا آهن ۽ ايئن خوشي جي گهڙي ۾ کين ناهن وساريندا. عوامي آواز ميڊيا گروپ به ان روايت جو امين بڻجي هي خوشي جو عيد جهڙو ڏينهن ٻوڏ متاثرن جي نالي ڪيو آهي ۽ ساڻن ملهائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

عوامي آواز ميڊيا گروپ ٻوڏ متاثرن سان ايڪتا جو اظهار ڪيو آهي، سندن مسئلن تڪليفن کي اعليٰ اقتداري ايوانن تائين پهچائڻ لاءِ ثقافتي سرگرمين طور، ڪانفرنسون، سيمينار ۽ پروگرام ڪيا ته جيئن حڪومت جو ڌيان ٻوڏ متاثرن ڏانهن ڪجي ته هيل ٽوپي ۽ اجرڪ نه رڳو پاڻ پهريو، ثقافت جو ڏينهن نه رڳو پاڻ ملهايو پر اهي اجرڪ ۽ ٽوپيون ٻوڏ متاثرن کي پارايو ۽ ٻوڏ متاثر نياڻين کي ثقافتي لباس وٺي ڏيو ته جيئن اهي به اوهان وانگر ثقافت جو ڏينهن ملهائي سگهن جو اهي پاڻ بي گهر آهن، بدحال آهن، بيمار آهن، ٻوڏ ۾ سندن پيارن جي گذاري وڃڻ تي ڏکايل آهن، سو اهي ان حالت ۾ ناهن جو ثقافت جو ڏينهن ملهائي سگهن پر ان کان به وڌيڪ جيڪڏهن ٻوڏ متاثرن جا مسئلا هنگامي بنيادن تي ترت حل ڪري سگهجن ته ان کان وڏي ڪا خوشي نٿي ٿي سگهي.

عوامي آواز ميڊيا گروپ جو اهو سڏ ڏيڻ ته ”اچو ته ٻوڏ متاثرن جي سار لهون“ جو اهو ئي مقصد آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.