نئين "گلوبل لاس اينڊ ڊيميج فنڊ” جو قيام: ماحولياتي انصاف نيٺ ٿي ويو

بلاول ڀٽو زرداري

عالمي سطح تي موسمياتي نقصان کان پوءِ ئي ان جي تدارڪ جو خيال ايندو آهي.  مصر ۾ ٿيندڙ شرم الشيخ COP27 ۾ ترقي هيٺ ملڪن جي مدد جي لاءِ هڪ فنڊ قائم ڪرڻ جو فيصلو موسمياتي تبديلي جي منفي اثرن سان ٿيندڙ نقصانن کي منهن ڏيڻ ۽ انسانيت ۽ زمين جي لاءِ اميد جو هڪ اهم اشارو هو. گلوبل وارمنگ جا اثر شديد ٿي ويا آهن اهي ماڻهن جن وڌندڙ گرمي پد ۾ سڀ ان گهٽ حصو وڌو آهي اهي سڀ کان وڌيڪ نقصان کڻي رهيا آهن. 30 سالن کان ڪمزرو ملڪن هڪ اهڙي فنڊ لاءِ دٻاءُ وڌو جنهن جي ذريعي اهي ماڻهون جن عالمي طور تي ڪاربان جي خارج ٿيڻ ۾ سڀ کان وڌيڪ حصيدار آهن اهي ڪمزرو ملڪن کي موسمياتي آفتن ۽ موسمياتي تبديلن جي ٻين نتيجن سمنڊ جي سطح ۾ واڌاري، خشڪ سالي، سامونڊي طوفان ۽ ٻوڏ کنا بحالي ۾ مدد ڪري سگھن ٿا. گروپ آف 77 ۽ ڇين جي موجوده ترقي پزير ملڪن جو اتحاد ڪانفرنس ۾ سربراھ طور جون ۾ COP 27 جي تياري جي حوالي سان نقصانن ۽ تباهي جي صورت ۾ مالي امداد جي سهولت جي فراهمي تي بحث ڪرڻ جي تجويز پيش ڪئي. اسان کي هن مسئلي کي ڪانررنس جي ايجنڊي تي رکڻ لاءِ ڏکيائي پيش آئي.

هن سال پاڪستان ۾ اآيل بدترين ٻوڏ موسمياتي آفتن جي وڌندڙ شدت جي تصديق ڪئي جنهن ۾ هزارين ماڻهون فوت يا زخمي ٿيا، لکين بي گھر ٿيا، 13000 ڪلوميٽر روڊ، 20 لک گھر، 500 پلون ۽ پنجاھ لک ايڪڙ تي بيٺل فصل تباھ ٿيا ۽ ملڪ جو هڪ ڀاڱي ٽي حصو پاڻي هيٺ هو. منهنجو اباڻي صوبو سنڌ سڀني کان وڌيڪ تباھ ٿيو آهي. نقصان ۽ تباهي کي ڏسڻ کان کانپوءِ ئي اهو احساس ٿيو ته ان درجي ج آفت کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪو به بينالاقوامي مالياتي ميڪينزم موجود ناهي، ان نقصان ۽ تباهي جي نئين تصوير کي جنم ڏنو آهي. نائجيريا ۾ هڪ ئي وقت آيل ٻوڏ، هان آف آفريڪا ۾ خشڪ سالي ۽ بحر ڪاهل ۽ ڪيريبيئن جي سامونڊي طوفان سان گڏ ان آفت ماحولياتي توازن کي برقرار کي رکڻ جي لاءِ ترقي پذير ملڪن جي عزم کي هٿي بخشي.

پاڪستان COP27  کان پوءِ ٿيندڙ ڳالهين ۾ ترقي پذير ملڪن جي قيادت ڪئي. ته جيئن فنڊ قائم ڪرڻ لاءِ دٻاءُ وڌو وڃي. اسان اهڙي قسم جي فنڊنگ انتظامن ۽ فنڊ جي قيام کي اڳتي وڌائڻ ۾ G77 جي اُپائن کي ساراهيون ٿا. اسان ترقي يافته ملڪن يورپي يونين سان گڏوگڏ آمريڪا پاران تجويز جي منظوري جي تعريف ڪيون ٿا. ترقي پذير ملڪ 24 ميمبرن جي وقتي ڪميٽي ۾ فوري طور تي ڪم ڪرڻ جا منتظر آهن. ته جيئن فنڊن جا انتطام، جوڙجڪ، گورننس ۽ شرطن کي آخري شڪل ڏني وڃي. ان ئي فنانسنگ جي ذريعن ۽ توسيع جي لاءِ نئين منصوبن ۽ موجوده انتظامن سان گڏ هم آهنگي ۽ تڪميل کي يقيني بڻائڻ جي طريقين جي به وضاحت ڪرڻ گھرجي. ڪميٽي جي لاءِ سڀني کان اهم ڪمن ۾ فنڊنگ جي ان پيماني جي نشاندهي ڪرڻ آهي جيڪو اڄ ڪالھه موسمياتي تبديلي جي نتيجن کي پورو ڪرڻ ۾ گھربل آهن. ماحولياتي هڪجھڙائي قائم ڪرڻ جي لاءِ پهريون امتحان پاڪستان ۾ ٻوڏ سان ٿيل تباهي ۽ بحالي ۽ نئين سر تعمير ۽ مستقبل جي تباهي جي خلاف استحڪام پيدا ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي منصوبي جو جواب هوندو.

هي منصوبو جنوري 2023 ۾ پاڪستان ۽ گڌيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوٽريس جي گڌيل طور تي گھرايل ڪانفرنس ۾ پيش ڪيو ويندو ورلڊ بينڪ جي اندازي موجب پاڪستان کي 30 بلين ڊالرز کان وڌيڪ جو نقصان ٿيو آهي ان کي فوري طور تي 16.5 بلين ڊالرز جي ٻاهرين امداد جي فوري ضرورت آهي. جيئن ته نقصان ۽ تباهي جي فنڊ اڃان بحال ٿيڻ باقي آهي. ان ڪري پاڪستان کي اميد آهي ته ان جي بحالي ۽ نئين سر تعمير جي منصوبي جي لاءِ فنانسنگ صنعتي ملڪن ۽ بين الاقوامي مالياتي ادارن، بين الاقوامي مالياتي فنڊ سميت ڪثير الجهتي ترقياتي بينڪن کان ايندي. اهڙي قسم جي مدد ۾ قرض جي ادائگي، بدلي ۽ تنظيم نو شامل ٿي سگھن ٿا. نئين SDR يا ترقي يافته ملڪن جي غيراستعمال شده SDRs جي نئين سر ترتيب نئين سر تعمير جي منصوبي جي لاءِ سڌي سئين مدد سان گڏوگڏ انهن منصوبن جي خانگي سيڙپڪاري جن جو ڍانچو بڻائي سگھجي ٿو.(مثال طور Blended  Finance سان ) واپاري طور تي عمل جوڳو هجڻ اسان اسلامي دنيا ۽ ڏاکڻي ملڪن ۾ پاڪستان جي دوستن کان به ايڪتا جي اميد رکون ٿا.

جيتوڻيڪ گذريل 150 سالن ۾ 1.1 ڊگري سيلسيس گلوبل وارمنگ جي رجحان جيڪري موسمياتي اثر ضروري ٿي ويا آهن. پر اهو دنيا جي لاءِ ضروري آهي ته هو موسمياتي تبديلي جي اثرن کي جلد از جلد محدود ڪري. ان ڪري اها ڳڻتي جوڳي آهي ته ڪيترن ئي ترقي هيٺ ملڪن جي منصوبن کي عمل جوڳو بڻائڻ جي لاءِ اڃان تائين فنڊ ناهن مُهيا ڪيا..COP26 ۾ ڪلاسگو ۾ ٿيل اجلاس جي فيصلن موجب موسمياتي ماليت کي گھٽ ۾ گهٽ ٻيڻو ڪرڻ جي فيصلي کي فوري طور تي پورو ڪرڻ گھرجي. COP27 ۾ پاڪستان ان فيصلي تي ترت عمل جي تجويز پيش ڪئي.

اسان اميد رکون ٿا ته ايندڙ سال گڏيل عرب امارات ۾  COP28۾ موسمياتي هڪجھڙائي جي لاءِ مالياتي ورڇ جي پيمائش ۽ نگراني جي لاءِ هڪ طريقيڪار قائم ڪرڻ جي قابل ٿي وينداسين. سڀ کان اهم ڳالهه اها آهي ته 2009 کان ساليانو 100 بلين ڊالر ماحولياتي فنڊ ۾ جمع ڪرڻ جي واعدي کي پورو نه ڪيو ويو. ترقي يافته ملڪن کي ان واعدي کي فوري طور تي پورو ڪرڻ ۽ COP28  تائين 100 بلين ڊالر جي وڏي ماحولياتي فنڊ جي نئين NCQG جي هدف  کي پورو ڪرڻ جي ضرورت آهي. بيشڪ آخري گڏيل مقصد گلوبل وارمنگ کي روڪڻ آهي ۽ انهن ٽپنگ پوائينٽس کان بچڻو آهي جنهن جي باري ۾ ماحولياتي سائنسدان اڳڪٿي ڪري رهيا آهن ته اهي عالمي تباهي کي جنم ڏيدا. تنهنڪري عالمي گرمي پد کي واڌاري کي 1.5 ڊگري تائين محدود رکڻ جي ذميواري بنيادي طور تي صنعتي ملڪ تي ڇڏي وئي آهي. جن گذريل 150 سالن ۾ هٿ ٺوڪي ڪاربن بجيٽ ٻه ڀاڱي ٽي حصو استعمال ڪيو آهي بجيٽ جو باقي هڪ ڀاڱي ٽي حصو اهو آهي جيڪو ترقي هيٺ ملڪن کي پائدار ترقياتي هدفن جي حاصل ڪرڻ لاءِ گھربل هوندو.

بدقسمتي سان COP27 ۾ اها ڳالهه واضح هئي ته صنعتي ملڪن ان ورڇ جي واعدن تي عمل ناهي ڪيو جن انهن گلاسگو ۾ اتفاق ڪيو هو ۽ اخراج کي گھٽ ڪرڻ ۽ 1.5 گرمي پد جي هدف  کي برقرار رکڻ جي لاءِ هڪ موثر طريقيڪار تي ٻيهر اتفاق ڪرڻ کان انڪاري هئا. جيئن ته پاڪستان هن سال گروپ آف 77 ۽ چين جي اجلاس ۾ پنهنجو عرصو سربراھ طور ختم ڪري رهيو آهي.

اسان ڊسمبر جي وچ ۾ نيوريارڪ شهر ۾ ترقي هيٺ ملڪ جي وزارتي ڪانفرنس ۾ SDGs ۽ موسمياتي هدفن کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ آخري ڪوشش ڪنداسين اسان اميد ڪريون ٿا ته هي اجلاس اهو ايجنڊا طئي ڪندو جنهن جي گلوبل سائوٿ ايندڙ سال SDG سربراهي اجلاس ۽ COP28 ۾ سربراهي ڪندو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.