ڌارين کي سڃاڻپ ڪارڊ ڏيڻ وارو سلسلو

غلام حسين جوڻو

جيئن ئي، ڪمپيوٽرائيزڊ سڃاڻپ ڪارڊ جاري ٿيڻ جو سلسلو شروع ٿيو ۽ اها ذميواري نادرا جي حوالي ڪئي ويئي. ان اداري شروع ۾ ته، ڏاڍو سهڻي نموني سان ذميوارين کي نڀايو. جيڪي قاعدا ۽ قانون متعين ڪيا ويا. تن تي مڪمل طرح عمل ڪيو پئي ويو. پوءِ الائي ڪهڙي هوا لڳي. ڪنهن جي نظر لڳي جو، نادرا جي جاري ڪيل ڪارڊن ۾ غلطيون ٿيڻ لڳيون. ڪڏهن مرد کي عورت ڪري شناختي ڪارڊ جاري ڪيا ويا. ڪڏهن عورت کي مرد ڪري پيش ڪيو ويو. مطلب ته جنس ئي تبديل ٿيو وڃي. ڪڏهن ويو عمرن جو غلط اندراج ڪيو وڃي ٿو. گھر ۽ خاندان جي ننڍي عمر واري ڀاتي کي وڏي عمر ڄاڻايو پيو وڃي ۽ وڏن کي ننڍو ڪري لکيو وڃي ٿو. ڪڏهن وري مئل ماڻهوءَ کي به زنده ڪري ڪارڊس جاري ڪيا پيا وڃن. هتي اهو به حشر ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته، ڪافي ماڻهن جون ائڊريسون به مٽجيو وڃن. پوءِ اهي سمورا ماڻهو نادرا آفيسن جا پيا چڪر لڳائين ته جيئن سندن صحيح داخلا ٿي سگھي ۽ کين نوان قومي سڃاڻپ ڪارڊ حاصل ٿين. ڪن ماڻهن کي چيو وڃي ٿو ته، هنن جا ٻه ڪارڊ ٺهيل آهن پوءِ کڻي سندن هڪ به ڪارڊ جاري نه ٿيو هجي. اهڙي طرح راڄن کي پريشان ڪيو پيو وڃي. اهي پيا نادرا آفيسن جا چڪر ڪاٽين.

گذريل ڪيترن سالن کان وٺي، اها شڪايت هلي رهي آهي ته نادرا ڌارين کي قومي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪري رهيو آهي. اهي ڪارڊ جاري ٿيڻ سان وڏو نقصان اهو پيو ٿئي ته، ملڪ ۾ ڌارين جي آبادڪاري ٿي رهي آهي. پرڏيهي ماڻهو اچيو هتي مستقل رهائش اختيار پيا ڪن. اها حالت، اسان جي پياري ملڪ پاڪستان جي سڀني صوبن ۾ ڏسڻ ۾ اچي ٿي. پر، سنڌ ۾ ڌارين جي وڏي لوڌ آباد ٿي رهي آهي انهن لاءِ ڪوبه قانون ڪونه آهي. ڪابه پڇا ڳاڇا ڪونه ٿي ڪئي وڃي. جيڪي به ٻاهريان ماڻهو اچي رهيا آهن. جيڪي هتي غير قانوني آيا آهن. تن کي شناختي ڪارڊ جاري ڪرڻ جي قانوني اجازت نه آهي. پر، هتي قصو ئي ابتو ڏسڻ ۾ اچي ٿو. خاص ڪري افغاني پٺاڻ سڄي سنڌ ۾ گھمندا ڦرندا وتن، انهن کي يونين ڪائونسل مان رهائشي سرٽيفيڪيٽ به جاري ڪري ڏنا وڃن ٿا. جن جي آڌار تي کين سڃاڻپ ڪارڊ ملن ٿا. ڪي وري رشوت ڏيو ڪارڊ حاصل ڪري رهيا آهن. ڪن کي وري خفيه طرح سرڪار سڳوريءَ جي سپورٽ ملي رهي آهي. باقي ڪارڊن حاصل ڪرڻ لاءِ هتان جي علائقائي ۽ مقامي ماڻهن کي ڏکيائن پيش اچي رهيون آهن. کين ڪيترين کي گھرجن Requirements کي منهن ڏيڻو پوي ٿو.

هاڻ، هڪڙو انڪشاف ٿيو آهي ته، ضلعي نوشهروفيروز جي شهر مٺياڻيءَ ۾، افغاني پٺاڻ کي قومي شناختي ڪارڊ جاري ڪيو ويو آهي. نادرا انتظاميه پاران هڪ افغاني پٺاڻ نالي فيض محمد کي مٺياڻي جو رهاڪو ڄاڻائي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪري ڇڏيو. شهر جي ساڃاهه وند ۽ سڄاڻ ڌرين، ان تي پنهنجا خدشات ۽ تحفظات ظاهر ڪرڻ سان گڏوگڏ حيرت جو به اظهار ڪيو آهي. انهن چيف جسٽس، سنڌ هاءِ ڪورٽ کان پرزور لفظن ۾ مطالبو ڪيو آهي ته، هن پاسي ڌيان ڏيئي، نوٽيس وٺي نادرا کان، معاملي جي پڇا ڳاڇا ڪئي وڃي اها به جاچ ڪئي وڃي ته، فيض محمد پٺاڻ کي رهائشي سرٽيفيڪيٽ ڪنهن جاري ڪيو آهي. ان ۾ ڪهڙا هٿ ملوث آهن. اها ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ کان پوءِ اصلي حقيقت سامهون ايندي. پرزور گھر آهي ته، نادرا سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪندڙ عملي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي.

مٿين انڪشاف مان صاف ظاهر آهي ته، نادرا انتظاميه، ڌارين کي قومي شناختي ڪارڊ جاري ڪرڻ جي مرتڪب آهي. اهي ڪارڊ نه رڳو هڪ شهر مٺياڻي ۾ جاري ٿي رهيا آهن. پر، تقريبن سنڌ جي هر علائقي، شهر ۽ ڳوٺ ۾ جاري ڪيا پيا وڃن. جنهن ۾ رهائشي سرٽيفيڪيٽ جاري ڪندڙ عملو ۽ نادرا انتظاميا جا اهلڪار سڌو سنئون ملوث آهن. اها به ڳالهه صاف ظاهر آهي ته، سنڌ جا ڀوتار، وڏيرا ۽ سياستدان به، ڌارين جي آبادڪاري ۾ پرڏيهين جا سهولتڪار ۽ مددگار آهن. سنڌ ۾ قومپرست ڌريون هميشه ڌارين جي آبادڪاريءِ لاءِ سراپا احتجاج رهيون آهن انهن ڪيترائي دفعا احتجاج ڪري ڌرڻا هڻي ۽ جلسا ڪري ان عمل جي خلاف پنهنجو آواز بلند ڪيو آهي.

مون کي چٽي طرح ياد آهي ته، ڌارين جي آبادڪاري جي خلاف، سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ سيد زين شاهه، ڪراچي ۾ احتجاج ڪيوهو. جيڪو ڪيترائي ڏينهن جاري رهيو. نيٺ انتظاميه ڳالهيون ڪرڻ تي مجبور ٿي ۽ کيس مطالبي مڃڻ جو آسرو ڏنائون ته، آئيده ڌارين کي قومي شناختي ڪارڊ جاري ڪري ڪونه ڏبا. پر، اهو صرف سکڻو دلاسو هو. باقي ان کان اڳتي ڪجهه به ڪونه هو. رياض چانڊيو، ڊاڪٽر قادرمگسي، اياز لطيف پليجو ۽ ٻيون ڪيتريون ئي قومپرست ڌريون اهو مطالبو ڪنديو رهن ٿيون. پر، حڪومت کين ٻڌڻ لاءِ تيار ڪونه آهي. شايد حڪمرانن جا پنهنجا مفاد، ان ۾ شامل آهن. جنهن ڪري ڌارين جي آمد روڪڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا نه ٿو ڪيو وڃي ۽ خاموشي اختيار ڪئي اٿن. سندن خاموشي ٻاهرين لوڌ جي اچڻ جي راضپي کي ظاهر ڪري ٿي.

سنڌ ۾ ڌارين آڻڻ ۾، سرڪار ۽ نادرا برابر جا شريڪ آهن. ڌارين جي اچڻ سان وڏو نقصان اهو آهي ته، سنڌ جا ماڻهو اقليت ۾ اچي ويندا. سنڌ جي وسيلن ۽ ذرين تي ٻاهريان ماڻهو قابض ٿي ويندا. سڀ کان وڏو الميو اهو ٿيندو ته، هتان جي امن و امان جي حالت خراب ٿي ويندي. ان خدشي کي هرگز رد ڪري نه ٿو سگھجي. ان جو سبب اهو آهي ته، افغاني پٺاڻ هتي چوري جو اسلحه سستي اگهه ۾ وڪرو ڪري سنڌي ماڻهن کي پاڻ ۾ ويڙهائڻ جي ڪوشش ڪندا ته جيئن هتان جي رهواسين جي طاقت ڪمزور ٿئي ۽ متحده و متفق ٿي نه سگھن. اهي ڇڙ وڇڙ رهن. ان صورت ۾ اهي افغاني پٺاڻ وقت جو فائدو وٺندي، هتان جي آمدني وارن ذريعن ۽ وسيلن تي پنهنجو قبضو ڪري مالڪ ٿي ويهي رهندا.

ٻئي طرف حڪومت به کين سرڪاري نوڪريون ڏيڻ ۾ دير ڪونه ڪندي. انهن کي روزگار جا موقعا ۽ وجهه ڏيندي رهندي. مطلب ته پرڏيهين کي سهولتون ملڻ سان، سنڌين جي حقن تي ڌاڙو لڳندو. پوءِ، هتان جي رهواسين جي ملڪيتن جي حفاظت ڏاڍي ڏکي ٿي پوندي. اهڙي ماحول پيدا ٿيڻ کان اڳ ۾ اک پٽڻ گھرجي ورنه اڳتي هلي پڇتائڻو پوندو.

نادرا وارا پرڏيهي لوڌ کي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪرڻ کان پاسو ڪن. حڪومت کي به گھرجي ته، ڄاڻايل لوڌ کي سنڌ ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت نه ڏيئي. انهن جي رستا روڪ ڪري. ان سلسلي ۾ قانون ته موجود آهي. ان تي عمل ڪرڻ جي ضرورت آهي. تنهن هوندي به، قانون  سازي ڪرڻ جي ضرورت محسوس ٿئي ته اها به ڪئي وڃي. نادرا انتظاميه تي به نظر رکڻ وقت جي اهم تقاضا آهي ته جيئن پرڏيهين کي وڌيڪ سڃاڻپ ڪارڊ جاري نه ٿي سگھن. هن کان اڳ ۾ جيڪي به ڌارين کي ڪارڊ جاري  ڪيا ويا آهن تن کي به في الفور منسوخ ڪيو وڃي. هي هڪ اهم مسئلو آهي. سنڌين جي بقا ۽ جياپي جو مسئلو آهي. تنهن ڪري اختيارين کي هن طرف ڌيان ڇڪائجي ٿو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.