۽ سڀ ڦوڪڻا ڦاٽي چڪا !

نذير سومرو

هُن هڪُ تاريخ وار (ڊيٽ وائيز) منصوبو ٺاهي ڏنس. فلاڻي کي ٽي سال ايڪسٽينشن ڏي ان کانپوءِ قانونسازي ذريعي ان کي قانوني حيثيت ڏيئي منهنجي لاءِ رستو هموار ڪر. تيسين مان ”هِتان هُتان“ ٿي ان جڳهه تائين پهچي ويندس. تون مونکي مقرر ڪجانءِ. ان تاريخ تائين تنهنجو هڪ مدو (پنج سال) پورو ٿي چڪو هوندو. مان سيٽ تي موجود هوندس توکي وري ائين ئي کٽرائيندس جيئن ٻه هزار اٺارنهن ۾ مشين خراب ڪرائي کٽرايو هو. تو جهڙو ”فرمان بردار“ ڪٿي ملندو تون دلجاءِ ڪر. آئين قانون هونئن به ”ٽڪي جو ملازم“ آهي ڪهڙي طاقت اٿس جو اهو رڪاوٽ بڻجندو. ان وچ ۾ ”چيف سڀ چيپ“ بڻايا ويندا اهي فيصلي ۾ اهو ڪجهه لکندا جيڪو ”واٽس ايپ“ تي وصول ڪندا. ان کان پوءِ ملڪ ۾ صدارتي نظام آڻي هڪ هڪ کي ٽنگي پاڻ ٻيئي بي فڪر ٿي ويهي رهنداسين. چلو سجنا جهان تڪ گهٽا چلي……..

منصوبي تي جيئن جو تيئن عمل هلندڙ هو. سڀ ڪجهه نقشي مطابق ٿي رهيو هو. گهڻن ئي ڦوڪڻن ۾ هوا ڀري ويئي ڪنهن ڪنهن ۾ گنجائش کان وڌيڪ رڳو ان ڪري ته جيئن اهي مخالفن لاءِ پري کان ئي خطري جو پيغام هجن. اهي ايترو ڳالهائين جو ٻڌڻ وارو ڳالهائڻ جي جرئت ئي نه ڪري سگهي. هنن سمجهو ڪوئي ڇا ڪندو پر جيڪي اڳ اهي گهٽ گهيڙ ڏسي چڪا هئا اهي سمورو منصوبو سمجهي ويا ۽ ان نقشي مٿان ٿيندڙ عمل ۾ اسپيڊ بريڪر وانگر ٿي بيٺا.

جولاءِ ٻه هزار ايڪيهه ۾ ان همراه جي بدليءَ لاءِ وزيراعظم عمران خان وٽ پيغام ويو ته هن جا ٺپ ئي ٺري ويا. جنهن ڏاڪڻ تي بيهي هو دنيا خلاف ڳالهائي رهيو هو پيرن هيٺان نڪرندي محسوس ٿيس. دٻاءُ وڌي وڃڻ ۽ اها لالچ ته چيف ٿيڻ لاءِ ان جو بدلي ٿيڻ ضروري آهي جنهن ڪري هن اها زهر جي گوري کاڌي. زهر جي گوريءَ اثر ڏيکارڻ شروع ڪيا. مخالفن پاران موقعو مناسب سمجهندي تحريڪ عدم اعتماد آڻڻ جي تياري ڪئي ويئي. پنڌرنهن آگسٽ اوڻيويهه سو ستيتاليهه کان بي ٽيم طور ڪم ڪندڙ جماعت وزير اعظم صاحب تي واضع ڪيو ته ”هاڻي گڏ گذارو ممڪن ڪونهي، سو مٺا پنهنجي اٿئي موڪلاڻي“. هن جملي ۽ ان جي اثرن وزيراعظم صاحب (جنهن لاءِ چيو ويندو آهي ته هن ڪڏهن ڪو ڪتاب ناهي پڙهيو. جيڪو ڪرڪيٽ مان سياست ۾ آيو. شاگرد تحريڪ جو عهديدار به ڪونه رهيو. ڪڏهن ڪا سياسي جدوجهد به ڪونه ڪيائين جيل به ڪونه ويو جنهنڪري سندس ذهن مضبوط ٿئي ها) دل هاري ويٺو. گهڻا ئي هٿ پير هنيائين،گهڻيون ئي تقريرون ڪيائين. پراڻا نسخا آزمايائين جن ۾ آمريڪا پاران ڪيل دشمنين جي تاريخ کي به آزمايو ويو. ان وچ ۾ واٽس ايپ وارا فيصلا به آيا جن هن کي عارضي فائدا ڏنا گهڻن کي ڌمڪين واريون فونون به ويون پر وريو ڪجهه به ڪونه. پوءِ آخري طور تي قيدين جي گاڏيءَ هن جي ذري پرزي بچي ويل هوا به ڪڍي ڇڏي ۽ همراه وڃي پٽَ سان لڳو.

ان کان پوءِ جدوجهد جو ٻيو دور شروع ٿيو. نومبر ٻه هزار ٻاويهه ۾ رٽائر ٿيندڙ همراه جي جاءِ تي ڀرتي لاءِ گهڻا جاڳيا وڏيون جدوجهدون ٿيون. ان همراه جنهن سمورو تاريخ وار (ڊيٽ وائيز) نقشو ٺاهيو هو تنهن زمين آسمان هڪ ڪيو. ڦوڪڻن ۾ وري هوا ڀري ويئي. پنهنجي حيثيت وساري ويٺل ڦوڪڻا وڏي ڏک ڏيندا رهيا. عمران خان اعلان ڪيو ته هو لانگ مارچ ڪندو. ان لانگ مارچ کي خوني لانگ مارچ جو نالو سندس ئي پارٽيءَ جي هڪ همراه ڏنو. لانگ مارچ ۾ ايترا ماڻهو ڪونه نڪتا ڇوته ڏاڪڻ کسڪي چڪي هئي. ڪيئي ڏاڪا ڀڄي ڀري ويا هئا پر پوءِ به ڏيک وڏو ڏنو ويو.

ان لانگ مارچ دوران اڳوڻو وزيراعظم عمران خان مٿان قاتلانو حملو ٿيو کيس پيرن ۾ ٻه گوليون لڳيون جنهن لاءِ چيو ويو ته آپريشن ڪري ٽي گوليون ڪڍيون ويون. هي همراه دٻاءُ جا سڀ هربا آزمائيندو رهيو پر کيس اوندهه نظر ايندي رهي ڇو ته هي ڏسي رهيو هو ته هي سڀ ڦوڪڻا آهن جن ۾ هوا ڪٿان ٻئي هنڌان ڀريل هئي ان ڪري منجهس اهڙو اعتماد ڪونه رهيو جهڙو هو اڳي ڏيک ڏيندو رهيو آهي.

گورنمينٽ سڳوريءَ جي ڏينهن رات ننڊ حرام ٿي ويئي. نيٺ انهن سينارٽيءَ جي حساب سان مقرري ڪري جان ڇڏائي. ان کان پوءِ ماحول اهڙو بڻجي ويو جو سڀني ڦوڪڻن مان هوا نڪري ويئي سڀ ڦوڪڻا هاڻي ڪاٽا ٿيل لغڙ وانگر پيا لڙڪن. ان همراه جنهن سمورو منصوبو جوڙيو هو ان وقت کان اڳ رٽائرمينٽ وٺڻ ۾ ئي جان جي امان سمجهي. ٻيا به گهڻا جيڪي ان ڊوڙ ۾ هئا اهي به ساڳيءَ ريت پيا سوچين.

ان سڄي  قصي ۾ سمورو ملڪ ائين ٽياس تي ٽنگيل رهيو جيئن ارغونن ۽ ترخانن جي وقت ۾ سنڌي ٽياس تي ٽنگيا ويندا هئا. ملڪي معيشت جيڪا اڳ ئي جنازي جهڙي شڪل رکندڙ آهي اها مئل ماڻهوءَ جي هيڊي منهن جهڙو ڏيک ڏيڻ لڳي. پري پري اک ديک تائين ڪا واه نظر نه ٿي اچي جنهن مان ڪا اميد جي روشني نظر اچي. عوام کي اهو جملو وڍ پيو وجهي ته، ”سندن ڇا ٿيندو“

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.