سر! بند گهٽي مان نه نڪرو، نه پنجاب نه ڪي پي سرڪار ٽٽندي: فيصل واوڊا

ڪراچي (رپورٽر) تحريڪ انصاف جي اڳوڻي اڳواڻ فيصل واوڊا چيو آهي ته پنجاب حڪومت ٽٽندي نظر اچي رهي آهي ۽ نه ڪي پي حڪومت، نظام ائين ئي هلندو رهندو. ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ فيصل واوڊا عمران خان جو نالو کڻڻ بنا چيو ته سر توهان جي حڪم، خواهش موجب نه ته پنجاب حڪومت ٽٽندي نظر اچي رهي آهي ۽ نه ڪي پي حڪومت، نظام ائين ئي هلندو رهندو. هن چيو ته سر بند گهٽي مان نڪرو، ٽيبل تي ويهو ۽ سسٽم ۾ رهندي نظام کي تبديل ڪيو، توهان جي ڀرپاسي موجود نانگ جيڪا ناڪاري سياست ڪري رهيا آهن، ان جو ڪو فائدو ناهي، اهي نانگ اڳ ئي ٻڏل آهن .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.