ميھڙ (ن ع آ) ميھڙ ۾ ٻوڏ متاثرن جا اھنج گھٽجي نه سگھيا، فريدآباد جي علائقي شعيب ڪالوني واسي کليل آسمان ھيٺ ترسيل صدام حسين تيوڻو جو ٻن سالن جو پٽ محمد ٿڌ لڳڻ سبب فوت ٿي ويو. واضح رھي ته ميھڙ جي مختلف ڳوٺن ۾ ھن وقت تائين پاڻي بيٺل آھي، ٽينٽ نه ملڻ سبب ماڻھو سردي ۾ کليل آسمان ھيٺ ويٺل آھن، جتي ٿڌ لڳڻ سبب ٻارڙو فوت ٿي ويو.