ميهڙ جي آءِ بي اي ٽيسٽ اميدوارن جو آفر آرڊر لاءِ احتجاجي مظاهرو

33کان 39 تائين مارڪون کڻندڙ اميدوارن آصف کوسو، ڪامران شاهه، عامر تيوڻو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪري نعريبازي ڪئي.

ان موقعي تي اڳواڻن الزام هڻندي چيو ته سنڌ جو تعليم واري وزير استادن جي ڀرتين ۾ ٻٽي پاليسي ۽ پنهنجا نوازي پيو ڪري، جنهن جو چٽو ثبوت دادو ضلعي جي ٻاهرين ملڪ ويٺل اميدوار کي آرڊر ملڻ آهي.

هنن چيو ته مختلف علائقن کي هارڊ ايريا ڄاڻي 33 کان گھٽ مارڪن وارن اميدوارن کي ڀرتي ڪيو ويو، پر 33 کان 39 تائين مارڪون کڻندڙن کي آفر آرڊر نٿا ڏنا وڃن، جيڪا ٻٽي پاليسي آهي.

اميدوارن سنڌ سرڪار ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کان مطالبو ڪندي چيو ته هزارين اسڪول بند پيل آهن، 33 کان 39 مارڪن وارن اميدوارن کي پاس قرار ڏئي آفر آرڊر ڏنا وڃن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.