سال ۾ هڪ ڀيرو ڦٽندڙ عجيب گل

برازيليا (ويب ڊيسڪ) فطرت جي حسين نظام ۾ هڪ اهڙو گل به آهي جيڪو ڏسڻ ۾ ڪنڊيدار ٻوٽي جي خاندان سان تعلق رکي ٿو پر پنهنجي حسن جي بنياد تي پسند ڪيو ويندو آهي، هي گل هڪڀيرو رڳو رات جو ئي ڦٽندو آهي ۽ خوشبو پکيڙيندو آهي. انهي ڪري ان کي رات جي راڻي (ڪوئن آف دي نائٽ) چيو وڃي ٿو.

ڪوئن آف دي نائٽ جي حياتياتي نالو ايپي فائلم آڪسي پيٽالم آهي جنهن سان وڏا اڇا گل برآمد ٿيندا آهن، گل جا پن ائين لڳندا آهن جيئن انهن تي ڪنهن ميڻ هاري ڇڏي آهي پر هي گل رات جو رڳو ڪجهه ڪلاڪن لاءِ ئي پنهنجي بهار ڏيکاريندو آهي. سج اڀرڻ تي هي ٻيهر بند ٿي ويندو آهي انهي طرح سڄي دنيا ۾ ماڻهو هن ناياب منظر جا منتظر رهندا آهن.

رات جي راڻي نالي گل ميڪسيڪو جي ٻيلن ۽ وچ آمريڪا ۾ ملندو آهي. گل ڦٽڻ جي عمل کي ڏسندڙن پاڻ کي خوشنصيب تصور ڪندا آهن. انهي ڪري هي بهار يا گرمي جي موسم ۾ ڪنهن به رات هي پنهنجو نظارو ڪرائيندو آهي ۽ ماڻهو ان جا منتظر رهندا آهن.

جن ماڻهن گل کي ڦٽـڻ کانپوءِ هن جي خوشبو سنگھي آهي انهن هن کي دنيا جو سڀ کان مهڪندڙ گل قرار ڏنو آهي. گل ڦٽڻ وقت پتا اڇا ٿي ويندا آهن ۽ ان جي خوشبو وڏي مدي تائين ياد رهندي آهي.

ان ئي گل جو هڪ ٻيو قسم آرڪڊ ڪيڪٽس به آهي جيڪو روزانو رات جي وقت ئي ڦٽندو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.