پي ٽي آءِ پنهنجي حڪومتي دور ۾ ڪيترو قرض ورتو؟

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومتي دور ۾ ورتل قرض ۽ ان تي وياج جي شرح جا تفصيل قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيا ويا.

ڊپٽي اسپيڪر زاهد اڪرم دراني جي صدارت هيٺ قومي اسيمبليس جي اجلاس ۾ قرضن ۽ وياج جا تفصيل پيش ڪندي ٻڌايو ويو ته پاڪستان تحريڪ انصاف (پي تي آءِ) پنهنجي ساڍن 3 ورهين جي حڪومت ۾ 43 ارب ڊالرز کان وڌيڪ قرض ورتو.

آگسٽ 2018 کان ڊسمبر 2021 تائين پرڏيهي قرضن جي تقسيم 43 ارب 4 ڪروڙ ڊالرز هئي، 2 سيڪڙو وياج تي ٻه طرفي 3 ارب 22 ڪروڙ امريڪي ڊالرز جو قرض ورتو ويو جڏهن ته بانڊز جي مد ۾ 3 ارب 50 ڪروڙ ڊالرز 7 سيڪڙو وياج جي شرح تي قرض حاصل ڪيو ويو.

دستاويز ۾ چيو ويو آهي ته ڪمرشل بئنڪ ذريعي 14 ارب 53 ڪروڙ ڊالرز جو قرض ورتو ويو جنهن تي وياج جي شرح 3 سيڪڙو هئي، 14 ارب 45 ڪروڙ ڊالرز ڪثيرالجهتي جي مد ۾ هڪ سيڪڙو وياج شرح جي حساب سان قرض ورتو ويو جڏهن ته سيف ڊپازٽ جي مد ۾ هڪ ارب ڊالر جو قرض هڪ سيڪڙو وياج تي ورتو ويو.

انهي طرح ٽائم ڊپازٽ جي مد ۾ 3 ارب ڊالر جو قرض 4 سيڪڙو شرح وياج تي حاصل ڪيو ويو، جڏهن ته 3 ارب 33 ڪروڙ ڊالرز جو قرض ڏهاڪي سيڪڙو وياج جي حساب سان ورتو ويو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.