پيپلزپارٽي ايم ڪيو ايم جو ايڊمنسٽريٽر ڪراچي وارو مطالبو مڃي ورتو

ڪراچي: (ويب ڊيسڪ) متحده قومي موومينٽ (ايم ڪيو ايم) پاڪستان پيپلزپارٽي جي اميدوار جي حمايت ۽ اميدوار کي هٿ کڻائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي جنهن جي جواب ۾ پيپلزپارٽي قيادت ايم ڪيو ايم جي نامزد شخص کي ايڊمنسٽريٽر ڪراچي مقرر ڪندي.

پاڪستان پيپلز پارٽي جي وفد مڪاني کاتن واري وزير جي سربراهي ۾ ايم ڪيو ايم بهادر آباد جي عارضي مرڪز جو دورو ڪيو، جتي وسيم اختر مهمانن جي آجيان ڪئي.

ملاقات ۾ ڪراچي جي سياسي صورتحال، تڪن جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، جڏهن ته مڪاني کاتن واري وزير يقين ڏياريو ته ايم ڪيو ايم جا سمورا مسئلا حل ڪيا ويندا.

ملاقات کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ايم ڪيو ايم اڳواڻن چيو ته ايم ڪيو ايم 8 ڊسمبر تي سنڌ مان خالي ٿيل سينيٽ جي سيٽ تي ٿيندڙ چونڊن ۾ پ پ جي اميدوار وقار مهدي جي حمايت ڪندي، ايم ڪيو ايم پنهنجي اميدوار کي هٿ کڻائيندي، ناصر ڀائي ۽ پارٽي قيادت جي درخواست هئي ته ايم ڪيو ايم اميدوار کي هٿ کڻائي جنهن تي ايم ڪيو ايم جي ڪنوينر ۽ رابطا ڪميٽي ڪالهه پنهنجي اميدوار کي هٿ کڻائڻ جو فيصلو ڪيو.

وسيم اختر چيو ته اميد آهي ته وقار ڀائي سينيٽر بڻجي سنڌ ۽ ڪراچي جا مسئلا حل ڪندو.

مڪاني ادارن واري وزير ناصر حسين شاهه چيو ته ايم ڪيو ايم اتحادي آهي، گڏجي شهر ۽ صوبي جا مسئلا حل ڪنداسين.

هن چيو ته پنجاب ۽ ڪي پي ڪي اسيمبليون ٽوڙڻ عمران خان جو ذاتي بيان آهي، ڪا به اسيمبلي ٽوڙڻ نه ڏني ويندي.

ناصر حسين شاهه چيو ته ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم جو ايڊمنسٽريٽر جلد مقرر ڪيو ويندو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته متحده قيادت سينيٽ جي سيٽ تي پ پ جي حمايت کي ايڊمنسٽريٽر ڪراچي جي عهدي تي مشروط ڪري ڇڏيو آهي جنهن تي پيپلز پارٽي اتفاق ڪيو آهي.

ايم ڪيو ايم سنڌ مان پيپلز پارٽي جي سينيٽ جي اميدوار وقار مهدي جي حق ۾ هٿ کڻي وئي، جنهن تي پيپلز پارٽي ايم ڪيو ايم طرفان نامزد ڪيل شخص کي ڪراچي ۾ ايڊمنسٽريٽر مقرر ڪندي.

واضح رهي ته سينيٽ جي سيٽ مصطفيٰ نواز کوکر جي استعيفيٰ کانپوءِ خالي ٿي هئي، جنهن تي چونڊ 8 ڊسمبر تي ٿيندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.