ڪنگ خان عمري جي سعادت ماڻي ورتي

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ سپر اسٽار شاهه رخ خان تازو سعودي عرب جي شهر جده ۾ پنهنجي تازي فلم ”ڊنڪي“ جي شوٽنگ مڪمل ڪئي، مصروف شيڊيول مان وقت ڪڍي مڪي شريف ۾ عمري جي سعادت حاصل ڪرڻ لاءِ روانو ٿي ويو.

بالي ووڊ جي بادشاهه شاهه رخ خان جا مداح کيس عمري جي ادائيگي جا خواهشمند رهيا.

ڪنگ خان فلم ڊنڪي جي شوٽنگ مڪمل ڪرڻ تي وڊيو جاري ڪئي تي مداحن تبصرا ڪيا ته هاڻي هو عمرو ڪري وٺي ڇو ته هو بلڪل مڪي شريف جي ويجهو آهي.

اداڪار به مداحن جي ڳالهه مڃي ورتي ۽ عمره جي سعادت لاءِ نڪري ويو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.