ڏهرڪي ويجهو پرائمري اسڪول بنيادي سهولتن کان وانجهيل، ٻارڙن جو احتجاج

ڏهرڪي ويجهو معصوم ٻارڙن اسڪول ۾ بنيادي سهولتن جي کوٽ خلاف احتجاج ڪيو آهي

ڳوٺ رسول بخش لاشاري جي پرائمري اسڪول ۾ بنيادي سهولتن جي کوٽ ۽ عمارت جي زبون حالي سبب شاگردن ۽ شاگردن احتجاج ڪيو

ان موقعي تي ٻارڙن ميڊيا اڳيان دانهيندي چيو ته اسڪول ۾ پيئڻ جي پاڻي، فرنچير ۽ واشروم جي به سهولت ناهي، دانهڻ باوجود ڪو به داد نٿو ڪري

ان حوالي سان ڳوٺاڻن چيو ته عمارت جي زبون حالي سبب ڇت جا چاپڙ ڪرڻ معمول بڻيل آهن، ٻارڙن جي زندگين کي خطرو آهي، چونڊيل نمائندا توڙي اختياريون نوٽيس وٺن

ڳوٺاڻن مطالبو ڪيو ته ته گذريل ٽيهه سالن کان اسڪول کي نظر انداز ڪيو ويو آهي، عمارت جي مرمت ڪرائڻ سميت بنيادي سهولتون فراهم ڪري ٻارڙن جي تعليم تباهه ٿيڻ کان بچائي وڃي

بدين رپورٽر

بدين نندو روڊ ڪار ۽ موٽرسائيڪل ۾ زوردار ٽڪر موٽرسائيڪل سوار 28 سالا صوبدار کوسو فوت ۽ زخمين ۾ 40 سالا محراب کوسو 50 سالا وڪيو کي نازڪ حالت ۾ انڊس اسپتال بدين ريفر ڪيو ويو آهي .

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.