ڏهن ڏينهن ۾ اٺ ڪِلو وزن گهٽائڻ واري عورت وڏو راز ٻڌائي ڇڏيو

ڏهن ڏينهن ۾ اٺ ڪلو وزن گهٽ، رڳو چار ننڍيون شيون بند ڪيو

وزن وڌڻ جو مسئلو اڄڪلهه رڳو گهر ۾ رهندڙ ماڻهن جو ناهي رهيو. هر عام ماڻهو سميت ناليواريون شخصيتون به وزن وڌڻ جي مسئلي جو شڪار ٿي رهيون آهن.

وزن انڪري به گهٽايو ويندو آهي ته وڌيل وزن ماڻهو کي سست ڪرڻ سان گڏ ان جي شخصيت تي به اثر ڇڏي ٿو. نه رڳو ايترو پر واڌو وزن ڪيترين ئي موتمار بيمارين جو سبب به بڻبو آهي.

ان حوالي سان سڀ ڪو چاهيندو آهي ته ان جو وزن برقرار هجي ۽ ڏسڻ ۾ ٺهندڙ جسم انهن جي شخصيت کي متاثر ڪندڙ پڻ بڻائيندو آهي. خاص ڪري شوبز شخصيتون وزن جي مسئلي کي وڏو سنجيده وٺنديون آهن، ڪنهن به سبب جي ڪري جيڪڏهن ان جو وزن وڌي ويندو آهي يا وڌائڻو پوندو آهي ته انهن کي جلدي ۾ وزن گهٽائڻو هوندو آهي.

اهڙي ئي حوالي سان هڪ ناليواري عورت کي پهرين ٻار جي پيدائش کانپوءِ وزن وڌڻ جو مسئلو پيدا ٿي پيو. عورت جو وزن ايترو وڌي ويو جو هوءَ اڳ کان تمام گهڻي مختلف نظر اچڻ لڳي ۽ کيس محفلن ۾ آر محسوس ٿيڻ لڳو.

پر ڪجهه طريقن تي عمل ڪري عورت پنهنجو وزن ڏهه ڏينهن ۾ اٺ ڪِلو گهٽائي ڇڏيو ۽ هن اهڙي جادوئي اثرن واري طريقي کي عوام اڳيان به ظاهر ڪيو آهي ته جيئن وزن گهٽائڻ جا خواهشمند ڪجهه ئي ڏينهن ۾ پنهنجو مسئلو حل ڪري سگهن.

عورت وزن گهٽائڻ لاءِ ڪجهه شيون اهڙيون ڏسيون آهن جيڪي وزن گهٽائڻ جي خواهشمندن کي مڪمل طور ڇڏڻيون پوندو. هيٺ اسان انهن شين جو ذڪر ڪيون ٿا جنهن ڪجهه ڏينهن تائين مڪمل طور بائيڪاٽ ڪرڻ توهان جي وزن ۾ وڏي لاٿ جو سبب بڻجي ويندو.

کنڊ

اٽو

لوڻ

چانور

عورت جو چوڻ آهي ته هن پنهنجي کاڌن مان انهن چئن شين کي مڪمل طور تي ختم ڪري ڇڏيو ۽ چانهه سان گڏ گرين ٽي جو استعمال پنهنجي خوراڪ جو حصو بڻائي ڇڏيو.

ان سان گڏ عورت چيو آهي ته رات جو سمهڻ کان گهٽ ۾ گهٽ ٽي کان چار ڪلاڪ اڳ ماني کائڻ گهرجي يا ماني کائڻ کانپوءِ گهٽ ۾ گهٽ ٽي کان چار ڪلاڪ پوءِ ننڊ لاءِ بستر تي وڃڻ گهرجي. هن اهو به چيو ته کاڌو کائڻ کانپوءِ پنجيتاليهه منٽ تائين پاڻي پيئڻ کان پاسو ڪيو وڃي ۽ ان دوران چانهه جي بدران بليڪ ڪافي جو استعمال ڪرڻ وڏو فائديمند ثابت ٿيندو.عورت وزن گهٽائڻ واري ڏينهن دوران اڇي اٽي جي بدران چوڪر (ڪڪڙ)جو اٽو استعمال ڪرڻ جو مشورو ڏنو آهي.

هن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن ڪير به ان سولي طريقي تي عمل ڪندو ته ان جو وزن مهينن يا هفتن نه پر ڏينهن ۾ گهٽجڻ لڳندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.