اسٽيٽ بئنڪ ايل سيز نه کلڻ جي خبرن تي وضاحت ڏئي ڇڏي

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان ايل سي نه کلڻ جي خبرن جي سختيءَ سان ترديد ڪئي آهي.

پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته اسٽيٽ بئنڪ ڪچي تيل، ايل اين جي ۽ پيٽروليم شين جي درآمد جي ليٽر آف ڪريڊٽ (ايل سيز) کولڻ يا ڪانٽريڪٽس تي ڪا پابندي لاڳو ناهي ڪئي.

ترجمان موجب اهڙي قسم جي غلط ڄاڻ ناڪاري مقصدن تحت مارڪيٽ ۾ غير يقيني پيدا ڪرڻ لاءِ پکيڙي پئي وڃي.

اختيارين جو چوڻ آهي ته اسٽيٽ بئنڪ تيل ۽ گئس (ايل اين جي سميت) جي شين جي درآمد جي حوالي سان بئنڪن ذريعي ناڻي جي مٽاسٽا جي ادائيگين جي پروسيسنگ کي واپاري دستاويزن جي ڪانٽريڪٽ ۾ داخل مدي موجب وقت تي يقيني بڻائيندي آهي، تيل جي درآمد لاءِ ايل سيز ڪنهن دير بنا انٽر بئنڪ فارن ايڪسچينج مارڪيٽ ذريعي پنهنجي مقرر تاريخ تي پوريون ڪيون پيون وڃن.

ترجمان موجب اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جا جاري ڪيل واپاري انگ اکر به ظاهر آهن، ملڪ جي تيل جي درآمد سيپٽمبر 2022 ۽ آڪٽوبر 2022 ۾ ترتيب وار 1.48 ارب ڊالر ۽ 1.48 ارب ڊالر هئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.