ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلزپارٽي جي شريڪ چيئرمين ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته وٽس نه رڳو پنجاب اسيمبلي کي بچائڻ لاءِ ميمبرن جو جهجهو انگ آهي پر هو خيبرپختونخوا اسيمبلي ۾ به ڪو جادو هلائي سگهي ٿو.
میں شہباز شریف کو نہیں چھوڑ سکتا، کیونکہ میں ایسا نہیں کرتا۔ میرے لیے صرف پاکستان relevant ہے باقی سب irrelevant ہے اور یہی پاکستان کھپے ہے۔
تم جس لمحے میں زندہ ہو وہ لمحہ تم سے زندہ ہے
تم اپنی کرنی کر گزرو جو ہو گا دیکھا جائے گا۔۔
آصف علی زرداری#FaislaAapKaWithAsifZardari pic.twitter.com/1CEpeq58tf— Asma Shirazi (@asmashirazi) December 1, 2022
نجي ٽي وي کي انٽرويو ڏيندي کانئس سوال ڪيو ويو ته ڇا پنجاب ۾ بي اعتمادي آڻڻ ممڪن آهي؟ هن چيو ته اسان خيبرپختونخوا ۾ به بي اعتمادي آڻينداسين، ٿورڙا دوست گمراهه آهن، کين واپس آڻڻو آهي.
اڳوڻي صدر چيو ته چوڌري پرويز الاهي اسان جي چونڊ نه هوندو، اسان وٽ ٻيا به آپشن آهن.
پنجاب میں تبدیلی کا پلان کیا؟
پنجاب میں ہمارے پاس نمبرز ہیں اور ہم ان نمبرز کو اور بھی بڑھا سکتے ہیں۔۔ پرویز الہی سے اب کیا بات کریں گے، ان سے ناراضگی نہیں اب دوریاں ہیں، ہمارے پاس پرویز الہی سے بہت بہتر چوائیسز موجود ہیں۔ آصف علی زرداری#FaislaAapKaWithAsifZardari
Aaj News pic.twitter.com/xCy0TVl7dT— Asma Shirazi (@asmashirazi) December 1, 2022
ملڪ ۾ وقت کان اڳ چونڊن جي حوالي سان هن چيو ته وقت کان اڳ چوندون اسان جي يا جمهوريت لاءِ مناسب ناهن.
جيڪڏهن پي ٽي آءِ اسيمبليون ٽوڙڻ ۾ ڪامياب ٿئي ٿي ته ڇا ٿيندو واري سوال جي جواب ۾ سندس چوڻ هو ته پوءِ اسان اسيمبلين ۾ ٻيهر اليڪشن ڪرائينداسين، اسان ڏسون ٿا ته هو (عمران خان) ڪيترا ايم پي اي واپس اسيمبلي ۾ آڻي ٿو.
اڳوڻي وزيراعظم ۽ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان بابت هن چيو ته عمران خان جي سوچ سياسي ناهي، هو جيڪو ڪرڻ وڃي رهيو هو کيس روڪيو ويو، هو غلط فيصلا ڪري ها ته قوم کي ڏکيائي ٿئي ها.
ڪجهه اهڙيون شيون آهن جن تي ڳالهائڻ نٿو چاهيان، ڪجهه شيون نه ٻڌائڻ ئي بهتر آهي.
نئين آرمي چيف جي حوالي سان هن چيو ته مان کيس نٿو سڃاڻان، هو سڀني کان سينيئر هو، ان لاءِ آرمي چيف بڻجي ويو.
جنرل باجوہ نے توسیع کے کیے شاید وزیراعظم کو کہا ہو لیکن مجھے نہیں کہا۔۔۔ آرمی چیف تعیناتی ادارے کا فیصلہ تھا۔۔ لیفٹننٹ جنرل عامر میرے ملٹری سیکرٹری رہے مگر وہ لسٹ میں بہت دور تھے، آصف زرداری#FaislaAapKaWithAsifZardari
Aaj News pic.twitter.com/bdj0HTctsm— Asma Shirazi (@asmashirazi) December 1, 2022
اڳوڻي آرمي چيف جنرل ريٽائرڊ قمر جاويد باجوا جي حوالي سان اڳوڻي صدر چيو ته هن مون سان ايڪسٽينشن لاءِ رابطو نه ڪيو.
جنرل باجوہ "شیر کی کھال تھے۔۔ میں نے شیر نہیں کہا”۔۔ سابق صدر آصف زرداری۔۔
کہا فوج کا ادارہ غیر سیاسی ہو گیا ہے، ادارہ آگے بڑھ گیا ہے۔۔ ادارے نے پیچھے مڑ کر دیکھا ہے کہ سب اچھا نہیں تھا، اور یہ بات ادارے کی سمجھ میں آ جائے تو بہتر ہو گا۔ #FaislaAapKaWithAsifZardari
Aaj News pic.twitter.com/WQWqVK0fQa— Asma Shirazi (@asmashirazi) December 1, 2022
اڳوڻي صدر باجوا ڊاڪٽرائن جي ڪجهه شين کي خراب ۽ ڪجهه کي ٺيڪ قرار ڏنو.
هن چيو ته ڪڏهن هن (جنرل ريٽائرڊ قمر جاويد باجوا) ان حوالي سان اسان سان ڳالهه نه ڪئي.