ڇوڪريءَ جي پسند جو ڇوڪرو کيس چِتائي ڏسي ته اها هراساني ناهي: خليل الرحمان

ناليواري ليکڪ خليل الرحمان قمر چيو آهي ته مان پنهنجي گهرواري کي چوندو آهيان ته سڄو هال حڪم هلا پر ڪجهه ڏينهن پاڻ کي منهنجي غلام به سمجهه.

هڪ ٽاڪ شو ۾ خليل الرحمان قمر مختلف معاملن تي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو.

هراساني بابت ڳالهائيندي هن چيو ته جيڪڏهن ڪا ڇوڪرِي ڪنهن ڇوڪرَي کي پسند ٿي ڪري ۽ هو ان کي چِتائي ڏسي ٿو ته اها هراساني ناهي پر جيڪڏهن ڇوڪريءَ کي اهو پسند ناهي ته اها هراساني آهي.

شادي جي حوالي سان سندس چوڻ هو ته مان پنهنجي زال کي سال ۾ گهٽ ۾ گهٽ چار کان پنج ڏينهن غلامن جهڙو ورتاءُ برداشت ڪرڻ جو چوندو آهيان ته جيئن منهنجي انا کي به سڪون ملي، مان کيس چوندو آهيان سڄو سال حڪومت پر ڪجهه ڏينهن منهنجي غلام بڻجي وڃ ته جيئن منهنجي انا کي سڪون ملي ۽ پاڻ کي غالب شخص جيان محسوس ڪري سگهان.

خليل الرحمان وڌيڪ چيو ته شادي جي رات گهوٽ پنهنجي ڪنوار کي چوندو آهي ته منهنجي ماءُ جي عزت ڪجان، ائين ڇو؟ ڇا توهان جي ماءُ عزت جي حقدار ناهي جو توهان پنهنجي زال کي ائين چئي رهيا آهيو؟ ائين چوڻ سان ته هوءَ ويتر عزت نه ڪندي، ڇا عورت ڪڏهن مرد کي چيو آ ته منهنجي ماءُ جي عزت ڪجان؟

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.