خراب ڳلي جي علاج لاءِ هي سولا طريقا آزمايو

نڙيءَ ۾ سرقو ۽ سوڄ هن مند ۾ عام بيماري ٿيندي آهي جيڪا موسم تبديل ٿيڻ سان هر ڪنهن کي ٿيندي آهي.

رپورٽ موجب ٿڌيون شيون واپرائڻ يا گرم شيون کائڻ سان به ڳلي جي سوڄ ۾ واڌ ٿيندي آهي، ان کانسواءِ وائرل يا بيڪٽيريل انفيڪشن، سگريٽ پيئڻ، معدي جي تيزابيت ۽ خشڪ هواءِ به نڙي جي سرقي جو ڪارڻ بڻبا آهن.

نڙي جي سوڄ يا سرقي سبب اڪثر ماڻهو بي چين ۽ پريشان رهندا آهن. پر ماهرن ان جو سولو علاج ٻڌائي ڇڏيو آهي.

ماهرن موجب نڙي جي سرقي جو علاج هيڊ سان ممڪن آهي، فوٽو اينڊ وڊيوشيرنگ ايپ انسٽاگرام تي هڪ ڊاڪٽر پنهنجي پوسٽ ۾ تفصيل ونڊ ڪندي لکيو ته هيڊ ذائقي ۾ ڪوڙي هوندي آهي جڏهن ته ڪيترين ئي ڪارائتي شين سان ڀريل هوندي آهي، گرم ٿيڻ سبب خشڪي گهٽبي آهي جڏهن ته سڻڀ به گھٽجندي آهي.

هن بڌايو ته اسان هلدي کي ان لاءِ استعمال ڪندا آهيون جو ان سان نزلو، کنگ، نڙيءَ جو سرقو، زخم، شگر، جسم ۾ سور ختم ٿي ويندو آهي جڏهن ته قوت مدافعت ۾ اضافو ٿيندو آهي.

نڙيءَ جو سرقو ختم ڪرڻ لاءِ ٽي سولا استعمال هيٺ ٻڌائجن ٿا.

هڪ گلاس پاڻي ۾ هڪ چمچو هيڊ وجهي ٽن کان پنج منٽ تائين اٻاريو ۽ ان پاڻي سان ڏينهن ۾ ٽي ڀيرا گرڙيون ڪيو.

ٻيو طريقو اهو آهي ته هڪ چمچو هيڊ، هڪ چمچو ڪارا مرچ ۽ هڪ چمچو ماکي مڪس ڪري مرڪب تيار ڪيو، ڏينهن ۾ ٻن کان ٽي ڀيرا کائڻ سان هڪ ڪلاڪ اڳ يا بعد ۾ استعمال ڪيو.

سمهڻ کان اڳ کير ۾ هيڊ ملائي استعمال ڪرن سان به ڳلي کي آرام ملندو، ان مقصد لاءِ ڳئون جو کير بهتر چونڊ آهي.

گهريلو علاج جي انهن طريقن کانسواءِ اها صلاح ڏني ويندي آهي ته صحت فراهم ڪندڙ شربت واپرايو. هوائي آلودگي ۽ ٻين اهڙين شين کان پاسو ڪريو جيڪي ان جو ڪارڻ آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.