مردن ۽ عورتن ٻنهي جي چهري تي موهيڙا پريشاني جي نشاني هوندا آهن، پر ان باوجود ان جو علاج سنجيدگي سان ناهي ملدنو.
انهن موهيڙن کان جند ڇڏائڻ لاءِ مهانگي علاج کان بهتر آهي ته هي سستا نسخا استعمال ڪجن.
چهري تان داغ ۽ موهيڙا ختم ڪرڻ لاءِ ليمي ۽ کنڊ جي پيسٽ ٺاهي چهري تي هڻو. ڪجهه دير کانپوءِ ٿڌي پاڻي سان منهن ڌوئي ڇڏيو. ڪجهه ڏينهن جي مسلسل استعمال کانپوءِ داغ ختم ٿي ويندا.
سائي چنهه ۾ جيوڙا ختم ڪرڻ ۽ اينٽي آڪسيڊنٽس هوندا آهن جيڪي موهيڙن کان جند آجي ڪرڻ ۾ ڪارائتا ثابت ٿيندا آهن. ان جو فائدو حاصل ڪرڻ لاءِ سائي چانهه جو هڪ ڪپ ٿڌو ڪري فيس واش جيان يا ڪنهن ڪپڙي ۾ ڀڄائي متاثره جڳهه تي رکو.
ماکي جي جيوڙن مارڻ جي خوبي هوندي آهي جنهن سان موهيڙا ختم ٿي سگهن ٿا. هڪ چانهه جوچمچو ماکي متاثر ٿيل جڳهه تي هڻو يا اڌ ڪپ ماکي جي لپ ڪڇ ۾ ملائي ماسڪ ٺاهيو ۽ اڌ ڪلاڪ تائين چهري تي لڳائي رکو.
اسپرين ۾ موجود سيلي ڪائي ليڪ ايسڊ داڻڻ لاءِ بهترين آهي ۽ داڻن کي خشڪ ڪري سوڄ کي گهٽ ڪندو آهي.
اسپرين کي ڪجهه ڦڙا پاڻي ۾ وجهي هڪ پيسٽ بڻايو، يا اسپرين جي چئن گورين کي ٻه چانهه جا چمڇا پاڻي ۾ ملايو ۽ موهيڙن تي لڳايو. ان سان ڪارائتا نتيجا سامهون ايندا.