ڏسئون ڪيئن ٿا اسيمبليون ٽوڙين؟ آصف زرداري نئين حڪمت عملي تيار ڪري ورتي

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري چيو آهي ته چونڊن کان اڳ عمران خان گرفتار ٿي سگهي ٿو، نااهل به ٿي ٿو سگهي، عمران خان جو احتساب اسان نه نيب ڪندو.

خانگي ٽي وي چئنل کي انٽرويو ڏيندي آصف علي زرداري چيو ته اسان کي پنهنجي معيشت بهتر ڪرڻي آهي، معيشت بهتر ڪرڻ ۾ وقت لڳندو آهي، ٿر ۾ اسان وٽ ڪوئلو آهي، چين ڪوئلي سان گئس ٺاهيندو آهي.

هن چيو ته اتحادين جي هر خواهش تي حڪومت ڪم ناهي ڪندي، اتحادي حڪومت ۾ ڪيترائي اختلاف ٿيندا آهن، پرويز الاهي سان هاڻ وڇوٽيون وڌي ويون آهن، پنجاب ۾ اسان وٽ بهترين چوائس موجود آهي، وقت کان اڳ چونڊون جمهوريت لاءِ سٺو ناهي.

سندس چوڻ هو ته ڪي پي ۾ ڪجهه دوست گمراهه آهن، کين واپس آڻينداسين، اهڙو طريقو استعمال ڪنداسين ته اسيمبلي نه ٽٽي، چونڊون کٽڻ هارائڻ جمهوريت جو حصو آهي، سياست ۾ ڪاميابي ۽ ناڪامي ٿيندي رهندي آهي.

اڳوڻي صدر چيو ته عمران خان ننڍي سوچ جو مالڪ آهي، سندس سوچ سياسي ناهي، عمران خان جيڪو ڪري رهيو هو کيس روڪي ورتو، ڪجهه شيون اهڙيون آهن، جيڪي نٿو ٻڌائي سگهان، ڪجهه ڳالهيون نه ٻڌائڻ بهتر هوندو آهي.

هن چيو ته موجوده آرمي چيف کي ذاتي طور نٿو سڃاڻان، اڳوڻي آرمي چيف ڪڏهن مون کي واڌ جو نه چيو، هن ڪڏهن اسان سان گڏ ويهي نه ڳالهايو، آرمي چيف جي مقرري ميرٽ تي ٿي آهي، وزيراعظم کي فيصلي جو مڪمل اختيار ڏنو، نظرياتي اختلاف باوجود شهباز شريف کي نٿا ڇڏي سگهون.

آصف زرداري چيو ته ڪنهن ملڪ سان لاڳاپا خراب نٿا ڪرڻ چاهيون، سڀني سان ڀائراڻا لاڳاپا چاهيون ٿا، 25 هزار ماڻهو گڏ ڪندڙ مقبول ناهي هوندو، پنجاب ۾ ڪمزوريون ختم ڪنداسين، اتي عمران خان جي مقابلي لاءِ تيار آهيون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.