” يوڪرين اچي ڏس ته روس ڪهڙو حشر ڪيو آهي“ صدر زيلنسڪي مسڪ جا ڌاڻا ڪڍي ڇڏيا

يوڪرين جي صدر ولادمير زيلنسڪي ٽوئيٽر جي مالڪ ايلون مسڪ کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي کيس يوڪرين اچڻ جو مشورو ڏئي ڇڏيو.

پرڏيهي خابرو اداري موجب يوڪريني صدر آمريڪي اخبار طرفان ڪوٺايل هڪ تقريب کي وڊيو لنڪ ذريعي خطاب ڪيو ۽ ان دوران هن ايلون مسڪ کي ڇتي تنقيد جو نشانو بڻايو.

ان حوالي سان يوڪريني صدر ايلون مسڪ تي تنقيد ڪندي چيو ته کيس يوڪرين اچڻ گهرجي، جيڪڏهن هو سمجهي ٿو ته روس يوڪرين ۾ ڇا ڪيو آهي ته کيس هتي اچڻ ڏسڻ کپي ۽ پاڻ اچي اهو سڀ ڏسي.

هن وڌيڪ چيو ته ۽ پوءِ اوهان مون کي ٻڌائيندئو ته ڪيئن اِها ويڙهه ختم ڪيون، ڪنهن اِها شروع ڪئي ۽ اِها ڪڏهن ختم ڪري سگهجي ٿي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.