فرح شهزادي پاران نيب طلبي نوٽيس خلاف لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل

لاهور(م ڊ) عمران خان جي گهرواري جي دوست فرح شهزادي نيب طرفان طلبي جي نوٽيس خلاف لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي. فرح شهزادي، عاصم جميل ۽ غوثيه بلڊر طرفان اظهر صديق ايڊووڪيٽ  درخواست داخل ڪئي آهي. جنهن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته نيب 2019ع ۾ هائوسنگ سوسائٽي جا معاملا بند ڪري ڇڏيا هئا. نيب ترميمي آرڊيننس کانپوءِ پرائيويٽ ماڻهو خلاف نيب جاچ نه ٿي ڪري سگهي. نوٽيس موڪلڻ کان اڳ نه ئي ڪي دستاويز فراهم ڪيا ويا نه ئي سبب ٻڌايا ويا، ڪاروباري هائوسنگ سوسائٽي جي ڪاروبار کي نقصان پهچائڻ لاءِ نوٽيس جاري ڪيا پيا وڃن. استدعا آهي ته عدالت نيب کي جاچ روڪڻ جو حڪم ڏئي، هوڏانهن فرح خان عرف فرح گوگي جيو نيوز خلاف پيمرا ۾ شڪايت ڪري ڇڏي،درخواست ۾ چيو ويو ته عمر فاروق فرح خان خلاف ڪوڙي ۽ من گهڙت خبر هلرائي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.