وزٽ ويزا تي عمري، زيارتن سان گڏ ثقافتي پروگرام ۾ شرڪت جي اجازت

رياض(م ڊ) سعودي عرب جي پرڏيهي کاتي وزٽ ويزا پرسنل وزٽ ويزا) جي حصول بابت طريقي جو اعلان ڪيو آهي. پرسنل وزٽ ويزا تي ايندڙ پنهنجي دوستن يا سعودي مائٽن سان ملڻ لاءِ سولائي سان اچي سگهندا. انهن کي ملڪ جي جنهن به حصي يا شهر ۾ وڃڻ جي اجازت هوندي. مڪي ۾ عمري ۽ مديني ۾ مسجد نبوي جي زيارت سان گڏ ملڪ ۾ موجود مذهبي ۽ تاريخي جڳهن سان گڏ ثقافتي پروگرامن ۾ شرڪت جي اجازت هوندي. پرڏيهي خابرو اداري موجب وزٽ ويزا لاءِ آن لائين فارم تي ڪارروائي ٿيندي. ذاتي وزٽ ويزا جي درخواست (الزيارت) پرڏيهي کاتي جي وزٽ پليٽ فارم تان ڪئي ويندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.