پ پ مڪاني چونڊن کان فرار ٿيڻ نه ٿي چاهي:سعيد غني

ڪراچي (رپورٽر) صوبائي وزير سعيد غني چيو آھي ته ڪجهه ماڻهو چون ٿا ته پيپلز پارٽي مڪاني چونڊن کان فرار ٿيڻ چاهي ٿي، چئن ڊويزنز ۾  پ پ ڪلين سوئيپ ڪيو آهي، يقين آهي ته ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ به وڏي اڪثريت سان ڪاميابي ماڻينداسين. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ميڊيا سان ڳالھائيندي هن چيو ته اليڪشن ڪميشن 15 جنوري تي چونڊون ڪرائڻ جي تاريخ ڏني آهي، اُميد ته چونڊون ٿي وينديون.سعيد غني جو چوڻ هو ته اسان جو مقابلو ڪنهن سان نه آهي.هن چيو ته رٽائرڊ جنرل قمرجاويد باجوا جو فوج جو سياست نه ڪرڻ وارو بيان خوش آئين ڳالهه آهي.هن چيو ته عوام جنهن کي ووٽ ڏيندو، اهو ئي حڪومت ڪندو، تحريڪ انصاف وٽ سنڌ ۾ اميدوار نه آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.