شاهه لطيف ٽائون مان قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ آپريشن جو حڪم

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس نديم اختر ۽ جسٽس ذوالفقار سانگي تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ سيڪٽر 18شاهه لطيف ٽائون اسڪيم  35 ملير  ۾ قبضن خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.عدالت نئون آپريشن ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته شاهه لطيف ٽائون مان سمورا قبضا ختم ڪرايا وڃن.عدالت  چيف سيڪريٽري سنڌ کي به سڌي ريت رپورٽ جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.عدالت چيف سيڪريٽري سنڌ جي آفيس جو ڪنسلٽنٽ لا ٽو ڊاڪٽر لياقت علي ابڙو پيش ٿيو.عدالت چيف سيڪريٽري لاءِ پڇيو ته هو ڪڏهن پيش ٿيندو؟.چيف سيڪريٽري جي نمائندي چيو ته حددخلين خلاف اجلاس ٿي ويو آهي، منٽس موجود آهن، فيصلي تي عملدرآمد مهيني اندر ڪيو ويندو، جنهن تي عدالت 21 ڊسمبر تائين رپورٽ جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.درخواست گذار موجب 1984ع ۾ پلاٽ الاٽمينٽ ڪيو هو، جڏهن ڏسڻ وياسين ته خبر پئي ته ان تي قبضو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.