لاڙڪاڻي ۾ چوٿين ڪلاس جي شاگرد سان استاد پاران فحش حرڪت

لاڙڪاڻو (ڊ ر) لاڙڪاڻي ۾ ٽيوشن پڙهڻ لاءِ ويل 8 سالا چوٿين ڪلاس جي شاگرد سان مبينا طور استاد پاران فحش حرڪت ڪرڻ جو انڪشاف  ٿيو آهي اهڙي واقعي خلاف نينگر شاگرد جي والد پريس ڪلب اڳيان پهچي احتجاج ڪندي استاد مٿان ڪيس داخل ڪري انصاف جي گهر ڪئي آهي. ان سلسلي ۾ لاڙڪاڻي شهر جي لهر ڪالوني واسي مڪاني ادارن واري کاتي جي مالهي ملازم علي حيدر سمون احتجاج ڪندي صحافين آڏو دانهيو ته منهنجو 8 ورهين جو پٽ حمزه لهر ڪالوني ۾ قائم خانگي دائود پبلڪ اسڪول ۾ چوٿين جماعت جو شاگرد آهي. هن الزام لڳايو ته گذريل 25 نومبر جي شام ڌاري منهنجو پٽ حمزه ميرڻ شاهه پاڙي جي خانگي اقرا اسڪول ۾ ٽيوشن پڙهڻ لاءِ ويو جتي ٽيوشن پڙهائيندڙ استاد امجد سيال کيس اسڪول جي ٽئين ماڙ تي سندس جڳهه ۾ وٺي وڃي ساڻس فحش حرڪتون ڪيون جنهن تي سندس پٽ خوف وچان ڀڄي گهر اچي اهڙي دانهن ڏني. جنهن کان پوءِ مون حد جي حيدري ٿاڻي تي استاد امجد سيال خلاف اين سي داخل ڪرائي ان تي پوليس استاد جي والد عبيدالله سيال کي گرفتار ڪرڻ بعد آزاد ڪري ڇڏيو هينئر استاد امجد سيال مون کي معاملي تان هٿ کڻڻ لاءِ موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي. هن چيو ته سندس پٽ اي ڪيو اسڪول اسلام آباد مان اسڪالرشپ جي ٽيسٽ ڏئي 93 سيڪڙو مارڪون کنيون آهن، اهڙي حرڪت سان سندس جو مستقبل داءُ تي لڳي ويو آهي پر پوليس هن وقت تائين استاد امجد سيال کي گرفتار نه ڪري سگهي آهي جيڪا وڏي ناانصافي آهي. هن لاڙڪاڻي جي ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي کي اپيل ڪئي ته پٽ سان فحش حرڪت ڪندڙ استاد امجد سيال کي گرفتار ڪري سندس مٿان اهڙو ڪيس داخل ڪري سخت سزا ڏني وڃي جيئن مستقبل ۾ ٻين شاگردن سان اهڙي قسم جو واقعو پيش نه اچي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.