ڪنڌرا ( ن ع آ ) ڪنڌرا ۽آس پاس ڳوٺن جي زمينن کي آباد ڪندڙ پٽڻي مائنر واھ سان انجنير سروير دارغون ۽بليدارن پاران روزانو جي بنياد تي پاڻي جي چوري ڪرائي پئي وڃي. هوڏانهن ساڳيا ملازم رشوت وٺي وڻن ۽ پاڻي چوري ڪرائي پئي وڃي، جڏھن ته مڇين جا ڪافي تلاءَ ھجڻ ڪري غريبن جون سوين ايڪڙ زمينون سم۽ سيڪ جي ڪري برباد ٿي ويون آهن ۽ اتان مين روڊ ھجڻ ڪري ڪافي ڪلو ميٽر روڊ اکڙندو پيو وڃي، تنھن ڪري ھتان جي رھواسين ھرھڪ سرفراز ٻرڙو، جاني شيخ، غلام علي گھوٽو ۽ ٻين اعليٰ اختيارين کان قانوني قدم کڻي روڊن ۽زمينن کي سيڪ کان بچائڻ جي گهر ڪئي.