ماٿيلي لڳ ريجنل ڊائريڪٽر محتسب اعليٰ کلي ڪچهري ڪئي

ميرپورماٿيلو ( ن ع آ ) آفيس ۾ کليل ڪچهري منقعد ڪئي جنهن ۾ سرڪاري ملازمن جو رهيل پگهارون، پينشن جي پي فنڊ ۽ ٻين  مسئلن کي ترت حل حوالي سان مسئلا ٻڌا ويا ۽ جلد ترت حل ڪا ويندا، کليل ڪچهري ۾ ريجنل ڊائريڪٽر محتسب اعليٰ فضل محمد شيخ ،ڊسٽرڪٽ اڪائونٽ آفيسر غلام حيدر لوڌي، غلام سرور چاچڙ جي سربراهي ۾ ٿي گذري جنهن ۾ ضلعي جي مختلف علائقن سان تعلق رکندڙ ملازمن شرڪت ڪئي،ان موقعي تي ريجنل ڊائريڪٽر محتسب اعلي فضل محمد شيخ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته صوبائي محتسب اعلي سنڌ اعجاز خان جي هدايت تي اڄ اسين ضلعي گهوٽڪي ايٽ ميرپورماٿيلو آفيس پهتا آهيون جتي لوڪل ۽ سرڪاري ملازمن جون رهيل پگهارون، پينشن جي پي فنڊ ۽ ٻين مسئلن کي حل ڪيو پيو وڃي اڄ اسين مخلتف ملازمن جا مسئلا ٻڌا به آهن ۽ حل به ڪيا آهن،   جيڪي به ملازم وقت سر ناهن پهچي سگهيا انھن کي گهرجي ته ڊسٽرڪٽ ايٽ ميرپور ماٿيلو آفيس ۾ اچي ايپليڪيشن جمع ڪرائي ۽ پنهنجا مسئلا ٻڌائيندا ته انھن جي مسئلن کي ضرور حل ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.